| تحفظ ناهي: بنگلاديش جو ورلڊڪپ لاءِ ٽيم ڀارت اماڻڻ کان انڪار، ميچ تبديل نه ٿا ڪري سگهجن: ڀارت |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي هندو انتهاپسندي ڪرڪيٽ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، بنگلاديش اعلان ڪيو آهي ته هو ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت نه موڪليندو.بنگلاديش جي راندين جي صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرالاسلام چيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت نه ويندي.هن واضح ڪيو ته هاڻي ڀارت وڃڻ جو ڪو به جواز ناهي ڇو ته ڀارت ظاهري طور تي اسان جي رانديگرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل مان بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان کي رليز ڪرڻ کان پوءِ ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.بي سي بي ذريعن موجب بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان حڪومت کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندو. بي سي بي حڪومت سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري اعلان ڪندو.بي سي بي ذريعن موجب حڪومتي فيصلي سان گڏ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي به آگاهه ڪندو. بي سي بي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا ۾ پنهنجا ميچ منعقد ڪرڻ لاءِ چوندو.ٻئي طرف بي سي سي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته صرف هڪ مهينو بچيو آهي، رهيل ميچن جي جڳهه کي تبديل ڪرڻ “تقريبن ناممڪن” آهي. ڪنهن جي خواهش تي ميچ تبديل نه ٿا ڪري سگهجن، اهو لاجسٽڪ طور تي تمام ڏکيو فيصلو آهي.بي سي سي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيمن جون جهازن جون ٽڪيٽون ۽ هوٽلون بڪ ڪيون ويون آهن. براڊڪاسٽ عملو پڻ اتي موجود آهي، تنهنڪري اهو چوڻ آسان آهي پر ڪرڻ ڏکيو آهي.