| ترائي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي تان تڪرار، شهر بند، مظاهرا |
ترائي (ن پ ا) ترائي شهر ۾ پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪارروائي دوران تڪرار پيدا ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه ملاح برادري جي ماڻهن سڄي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي ڇڏي۔ پوليس اهلڪارن طرفان هڪ هوٽل جي تلاشي ورتي ، جنهن تي ڌڻي بخش ملاح گنگو، منظور ملاح ۽ ٻين ملاح برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو۔ هڙتال دوران شهر جا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا۔ ملاح برادري جو چوڻ آهي ته کين بنا سبب نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ساڻن زيادتيون ڪيون پيون وڃن۔ هنن ايس ايس پي بدين ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي۔ ٻئي طرف ترائي پوليس جو چوڻ آهي ته هو هڪ مبينا منشيات فروش جو پيڇو ڪري رهيا هئا، جيڪو ڀڄي هڪ هوٽل ۾ داخل ٿيو، جنهن سبب تلاشي ورتي وئي۔ پوليس موجب تلاشي دوران ڪجهه ماڻهن مزاحمت ڪئي، جنهن کان پوءِ صورتحال تڪرار جو شڪار ٿي ۽ شهر ۾ هڙتال ٿي وئي.