| تراِئي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي |
ترائي (ن پ ا) ترائي شهر ۾ معمولي ڳالهه تان عمراڻي ۽ راهمان برادري وچ ۾ جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. جهيڙي ۾ چئن عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، جن ۾ عمراڻي برادري جا علي غلام، صادق، عديل، شاهزيب، وسيم ۽ مهتاب عمراڻي شامل آهن، جڏهن ته عمراڻي برادري جون چار عورتون پڻ زخمي ٿي پيون . ٻي طرف، راهمان برادري جا وهاب، مجيب الرحمان ۽ شعيب راھمون زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تعلقي اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيو ويو، جتان ڇهن مردن ۽ ٻن عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، ۽ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس پاران نگراني وڌائي وئي آهي. پوليس مطابق، جهيڙي جو سبب معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو، ۽ وڌيڪ جانچ جاري آهي.