ميهڙ (رپورٽر) تربت ۾ خودڪش حملي ۾ شهيد ٿيل سانگهڙ واسي ميجر ثاقب حسين ۽ ميهڙ واسي ايف سي اهلڪار علي باقر جي فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي
بلوچستان جي تربت شھر ۾ 3 ڏينھن اڳ خودڪش حملي ۾ علي باقر لاکير شهيد ٿي ويو هو، سندس مڙهه پاڪستاني جھنڊي ۾ ويڙهي ڳوٺ بخش لاکير آندو ويو
علي باقر جو مڙهه اباڻي ڳوٺ ۾ فوجي اعزاز سان سلامي ڏئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان حملي ۾ سانگهڙ واسي ميجر ثاقب حسين به شهيد ٿي ويو هو، شهيد ميجر ثاقب حسين جي به اباڻي ڳوٺ ۾ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي
علي باقر لاکير گذريل 10 سالن کان ايف سي بلوچستان ۾ ميڊيڪل ڪور ۾ ڊسپينسر طور نوڪري ڪندو ھيو، ايف سي پاران خودڪش حملي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به شھيد علي باقر لاکير جي وارثن کي ڏيکاريا ويا آھن