تربيلا ڊيم خالي: سکر بئراج وٽ کوٽ 55 سيڪڙو ٿي وئي: پنجند وٽان ڇوڙ ۾ڪٽوتي

مارچ 11, 2025

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) تربيلا ڊيم خالي: اڄ کان صوبن کي پاڻي رن آف رور (دريائي وهڪرن) آڌار ڏنو ويندو، ڪالهه ملڪ جي وڏي ڊيم تربيلا ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي ڊيڊ ليول 1402 فوٽ تي پهچي وئي آھي، ٻئي طرف منگلا ڊيم جي پاڻي ذخيرن ۾ لاٿ ھلندڙ آھي، انهي ڊيم ۾ رڳو  35 فوٽ پاڻي رهجي ويو آھي. ٻئي پاسي ارسا پاران پنجند وٽان سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي ۾ پڻ لاٿ آندي وئي آھي، ڪالهه 4442 بجاءِ رڳو 1473 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، هوڏانهن سنڌ جي وڏي بئراج سکر وٽ 24 ڪلاڪن دوران 5540 ڪيوسڪ جي لاٿ اچڻ بعد کوٽ وڌي 55 سيڪڙو ٿي وئي آھي. سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 20920 ۽ هيٺاهون وهڪرو 7100 ڪيوسڪ ريڪارڊ  ڪيو ويو.  ٻئي طرف   گڊو جي مٿانهين پاسي26696 ۽ ھيٺاهين پاسي 22282ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو هو.ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي ۾ معمولي واڌ بعد وهڪرا 6120 ڪيوسڪ تي پهچي ويا. جڏهن ته هيٺاهين پاسي پاڻي وهڪرا ٻڙي هئا.

 

Leave A Comment