| تربيلا ۽ منگلا 50 سيڪڙو ڀرجي ويا، سنڌو ۽ چناب ۾ ننڍي ٻوڏ، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه پهتو |
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) تربيلا ۽ منگلا 50 سيڪڙو ڀرجي ويا، سنڌو ۽ چناب ۾ ننڍي ٻوڏ، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه پهتو، ملڪ جي دريائي وهڪرن جي صورتحال بهتر ٿيڻ لڳي آهي. تربيلا، تونسا ۽ چشما بيراجن وٽ سنڌو درياءَ ۾ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ٿي وئي آهي. هوڏانهن خريف اڌ مند گذرڻ باوجود ڪوٽڙي بيراج جي هيٺاهين پاسي ڊيلٽا ڏانهن پاڻي ناهي ڇڏيو ويو. ڪوٽڙي بيراج جي گهرج 31300 ڪيوسڪ آهي، گذريل ڏهاڪي کان ڪوٽڙي وٽان مٿاهون وهڪرو 43 هزار ڪيوسڪ کان مٿي هجڻ باوجود هيٺاهين پاسي پاڻي ناهي ڇڏيو ويو. ڪالهه شام جو تربيلا ڊيم جي مٿاهين پاسي پاڻي وهڪرا 3 لک 10000 ۽ هيٺاهان 164300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ڊيم کي ڀرڻ لاءِ پاڻي گهٽ ڇڏيو ويو آهي. ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1516.83 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي ويئي. ڪابل ندي ۾ به نوشهري وٽ پاڻي وهڪرا وڌي 58500 ڪيوسڪ ٿي ويا، ڪالاباغ بيراج جي مٿاهين پاسي 2 لک 75625 ڪيوسڪ ۽ چشما وٽ 3 لک 13756 ڪيوسڪ ٿيڻ بعد ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. تونسا بيراج وٽ به پاڻي جا وهڪرا وڌي 221905 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن. گڊو بيراج جو مٿاهون وهڪرو 164061 ڪيوسڪ ۽ سکر بيراج وٽ 110750 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجاب ۾ چناب نديءَ تي مرالا بيراج وٽ پاڻي وهڪرا 224496 ڪيوسڪ ٿيڻ بعد مٿاهين درجي جي ۽ قادرا آباد وٽ پاڻي وهڪرا 158539 ڪيوسڪ ٿيڻ بعد وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي ۽ فلڊ فارڪاسٽنگ ڊويزن موجب پنجاب ۾ پوندڙ برساتن سبب ايندڙ هفتي تائين ملڪ جي سمورن دريائن ۽ ندين ۾ پاڻي وهڪرن ۾ وڌيڪ واڌ جا امڪان آهن.