| ترقياتي ڪم ڪرائڻ ذاتي شوق ۽ ذميواري آهي: علي حسن زرداري |
ٺٽو / ڳاڙهو (نمائندن وٽان) ورڪس ۽ جيل کاتن جي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو آھي ته ترقياتي ڪم ڪرائڻ ذاتي شوق ۽ ذميواري آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ پاليسين تحت تڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو پيو وڃي ۽ اھي ترقياتي ڪم عوام جي سهولت لاءِ آھن. مختلف هنڌن تي ترقياتي ڪمن جي افتتاحي تقريب جي افتتاح ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترقياتي ڪم ڪرائڻ سندس ذاتي شوق ۽ ذميواري آهي، ۽ سندس خواهش آهي ته علائقي جي ماڻهن کي سفري سهولتون بهتر نموني سان ميسر ٿين، جيئن سندن روزمرهه زندگي ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌارو اچي،ھن چيو تہ خطي جي ترقي لاءِ مختلف ڪارخانا لڳايا پيا وڃن، صنعتن کي زور وٺرايو پيو وڃي، چاھيون ٿا ھتي جي ماڻھن کي روزگار جا وسيلا فراھم ٿين جڏھن تہ ان موقعي تي ساڻس گڏ پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھيا،
هوڏانهن ڳاڙهو ۾ خطاب ڪندي چيو ته صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته پ پ غريبن مظلومن جي پارٽي آهي جنهن جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، هن چيو چيئرمين جي هدايتن تي عمل ڪندي تڪ جي عوام جي بنا فرق خدمت ڪندا آهيون.