ترقي جو سفر جتان روڪيو، اتان ئي شروع ڪنداسين: نواز شريف

نومبر 6, 2023

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هو ترقي جو سفر اتان شروع ڪندو جتان ڇڏيا ھو ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين

مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جو ماڊل ٽائون ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ پهچڻ تي شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن شاندار استقبال ڪيو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان پارٽي اڳواڻن خواجا آصف، احسن اقبال، اسحاق ڊار ۽ مريم اورنگزيب ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي صورتحال ۽ پارٽي جي سياسي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي چونڊن جي تياري جي هدايت ڪندي چيو ته هو اتان ترقي جو سفر شروع ڪندا جتان ڇڏيا ھو۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين

Leave A Comment