| ترميم بابت لکيل فيصلو ايندو، پيپلزپارٽي وارا صرف پڙھندا: حليم عادل |
ڪشمور(رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪشمور ضلعي جي پي ٽي آءِ اڳواڻ منظور احمدکوسو وٽ پھچي ڀائرن ۽ ڀائٽي سميت جيل مان آزاد ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، پي ٽي آءِ جي ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي 27 هين ترميم ۾ اچي ڦاٿي آهي، ووٽ ڪن ٿا به ڦاسين ٿا نٿا ووٽ ڪن به ڪرپشن ڪيل آهن ڪاڏي ويندا، ڪئنال منظوري بعد سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو هو ، ساڳي طرح 27 هين ترميم پيپلزپارٽي کي ڳچي ۾ پئجي وئي اسين مخالف آهيون ڪو به ڪم جيڪو پاڪستان جي آئين جي خلاف ھجي اسين ان جي خلاف آهيون، هن چيو ته 17 سيٽن وارن کي ترميم جو اختيار ناهي، اسين 47 وارا آهيون. هن چيو ته هاڻي شھيد راڻي واري شھيد ڀٽو واري پيپلزپارٽي ناهي، سي اي سي جي گڏجاڻي ۾ به پيپلزپارٽي ڪجهه نه ڪري سگهندي، ترميم بابت لکيل فيصلو ايندو، پيپلزپارٽي وارا صرف پڙھندا.