| ترميم بعد ڪي پي مان ايندڙ سينيٽرن جو مدو گهٽجي ويندو |
اسلام آباد: 27 هين آئيني ترميم ۾ مخصوص سيٽن تي قانوني جنگ سبب ڪي پي ڪي صوبي جي مارچ ۾ خالي ٿيل 11 سيٽن تي لڳ ڀڳ هڪ سال دير سان چونڊون ٿيڻ واري مامري سبب ايندڙ وقت ۾ بحران پيدا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ واضح ڪيو ويو آھي ته جيئن 6 سالن ۾ ٻين صوبن جي سينيٽرن جي مدت مڪمل ٿيندي دير سان چونڊيل ڪي پي ڪي جا سينيٽر به انهن سان گڏ رٽائر ٿي ويندا، ان ترميم سبب ايندڙ وقت ۾ بحران کان بچي سگهبو ۽ دير سان چونڊجڻ سبب ڪي پي ڪي مان چونڊيل 11 سينيٽرن عملي طور 6 سالن جي مدت تائين سينيٽر نه رهي سگهندا.