ترميم لاءِ زوري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي پئي وڃي: فضل الرحمان

ترميم لاءِ زوري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي پئي وڃي: فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27هين ترميم لاءِ ڇِڪ ڇِڪان ڪري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي پئي وڃي، اُن جو نقصان ٿيندو، اهڙا قدم پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي توهين آهن، اسلام آباد ۾ جي يو آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي جو اثر جمهوريت تي ٿيندو ته اُها قبول جوڳي نه هوندي، صوبن جا اختيار ۽ حق گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته مخالفت ڪنداسين، اسان صوبن کي وڌيڪ بااختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون، 18هين ترميم ۾ صوبن کي مليل اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ٿي ته اُهو قبول نه هوندو، هن چيو ته 27هين ترميم جو مسودو اڃا سامهون نه آيو آهي، اُنڪري 27هين ترميم تي في الحال ڳالهائي نٿو سگهجي، 26هين ترميم ۾ حڪومت 35 شقن تان هٿ کنيو هو، اُنهن مان ڪابه هڪ شق 27هين ترميم ۾ پاس ٿي ته اُها آئين جي توهين هوندي.