ترڪي به جنگ روڪرائڻ لاءِ تيار آهي: ايراني حڪومت

ترڪي به جنگ روڪرائڻ لاءِ تيار آهي: ايراني حڪومت

تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ترڪي وچ اوڀر جي جنگ کي حل ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ايراني پرڏيهي وزارت مطابق ايران ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن فون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سندس ملڪ وچ اوڀر جي جنگ کي حل ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ انقره پاران ڪيل ڪوششن تي ترڪي جو شڪريو ادا ڪيو.