تصور-پسنديت کان مارڪسزم تائين

نومبر 7, 2023

 تصور-پسنديت (Idealism) جي باني (Socrates) ۽ ان جي حامين ذھني سوچ، شعور ۽ تخيل کي دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ ۾ وڏي وٿ ڄاتو. انھن روح، خدا ۽ مذھب کي سمجھڻ ۽ انھن جي ترويج کي ترجيح ڏني جيڪا نھايت بھتر ڳالھ ھئي، پر انھن سکيا، سمجھ ۽ شعور جي ٻئي ۽ وڏي ذريعي يعني حواسي مشاھدي ۽ مشاھداتي استدلال کي بلڪل نظرانداز ڪري وڏي غلطي ڪئي. اھي تصور ۽ خيال جي حمايت ۾ ان انتھا پسندي تائين وڃي پھتا جو انھن ذھن کان ٻاھر مادي دنيا جي آزاد وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو! ان باوجود علم حاصل ڪرڻ ۽ سچائيءَ تائين پھچڻ جي سقراطي طريقي (Dialectical Method) يعني اڻ ڌرين سوالن جوابن واري طريقي جي ايجاد نھايت شاندار ھئي. سوالن جوابن کان اڳ ۾ سقراط چوندو ھو ته شين، تصورن ۽ لقائن جي معروضي يا بحث ۾ شامل ٿيندڙ ٻنھي ڌرين لاءِ مڃڻ جھڙي (Objective) وصف يا وضاحت ڪرڻ لازمي آھي. اھڙي وضاحت بعد ئي ڪو تصور بحث لاءِ پيش ڪيو ويندو ھو. ان کان پوءِ سقراط ان جي مختلف تناظرن ۽ پھلوئن کان پڇندڙ کان سوال ڪندو ھو. نتيجي ۾ سچائي تائين پھچڻ جو خواھشمند سوالن ۽ جوابن جي بنياد تي پنھنجي تصور ۾ تبديلي ڪندو ھو ۽ آخرڪار موزون جواب تائين پھندو ھو جيڪو سندس پھرئين تصور کان بلڪل مختلف ھوندو ھو. سقراطي طريقي جو اختصار: تصور (Thesis) + رد تصور (Anti-thesis) = نئون، تبديل ٿيل ۽ بھتر تصور (Synthesis). سندس انصاف ۽ سياست بابت بحث مباحثي تي ٻڌل ڪتاب جيڪي بعد ۾ سندس شاگرد افلاطون (Plato) مرتب ڪيا، اھي اڄ به شاھڪار جي حيثيت رکن ٿا.

تصور-پسنديت جي مقابلي ۾ عقليت يا حقيقت-پسنديت (Realism) جو فلسفو ته علمي ميدان تي آيو پر آخر تائين ھڪ چنگهه کان منڊو ئي رھيو! حقيقت-پسنديت جي باني (Aristotle) ۽ ان جي حامين ان ڳالھ جو برملا اقرار ۽ اظھار ڪيو ته مادو ۽ ڪائنات انساني ذھن کان ٻاھر الڳ ۽ آزاد وجود رکن ٿا ۽ شين ۽ فطري لقائن کي حواسي مشاھدي ۽ مشاھداتي استدلال وسيلي سمجھي سگھجي ٿو ۽ اصل حقيقت يا سچائي تائين پھچي سگھجي ٿو. ارسطو (Aristotle) جيتوڻيڪ اڻ ڌرين حواسي مشاھدن جي بنياد تي مختلف مضمونن تي 150 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا جن اڳتي ھلي جديد سائنس جو بنياد وڌو، پر پوءِ به ارسطو جو جوڙيل مشاھداتي منطق 2000 سالن تائين يورپ ۾ علم، فلسفي ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ جمود ۽ رڪاوٽ جو سبب بڻيو. سندس منطق کي ٽہ-پسائون منطق (Syllogism) چئبو آھي. ارسطو مطابق ھن جو سادو مثال ھي آھي: 1. سڀ انسان فاني آھن. 2. سقراط ھڪ انسان آھي. 3. ان ڪري سقراط فاني آھي. ارسطو ھن منطق کي جيتوڻيڪ مشاھداتي استدلال (Inductive Reasoning) ڪوٺيو پر اھا سندس عظيم غلطي ھئي ڇو ته اھو اصول جي بنياد تي استدلال (Deductive Reasoning) ھو. سندس استدلال ۾ پھريون اصول يا ٿلھ مشاھداتي ناھي پر اڻ پرکيل اصول آھي. جيڪڏھن پھريون اصول ئي غلط ھوندو ته ان تحت ھٿ ۾ کنيل ٻئين تصور جي پرک ۽ آخري نتيجو پڻ غلط ئي نڪرڻو آھي. ھن استدلال جو گھڻي ۾ گھڻو فائدو مذھبي ڌرين ورتو ۽ اڄ تائين ڪافي خطن ۾ فائدو وٺي رھيا آھن ڇو ته انھن مطابق پھريون اصول الھامي يا خدا طرفان طئي ٿيل ھوندو آھي، ان ڪري ان جي غلط ھجڻ جو ڪوبه مذھبي ماڻھو تصور به نه ٿو ڪري سگھي!

مٿئين جمود واري عرصي ۾ ھڪ پاسي عربستان ۾ اسلام جي اثر ھيٺ دنياوي علم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جھان جو سير ڪرڻ، اڻ ڌريا مشاھدا ڪرڻ، غور فڪر ڪرڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ، مراقبو ڪرڻ، تاريخ مان سبق پرائڻ يعني قومن جي عروج ۽ زوال مان سکڻ وغيره جھڙن روين پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي فروغ ڏيڻ سان ان خطي ۾ دنيا ۾ مشاھداتي علم يا سائنس جي ابتدا ۽ ترقيءَ جو سونھري دور برپا ٿيو. ھن دور کي تاريخ جو وچيون دور (Medieval Period) چيو وڃي ٿو جيڪو 500ع کان 1500ع تائين جاري رھيو. ھن سونھري دور ۾ ڪيترن ئي مسلمان دانشورن ۽ سائنسدانن ارسطو جي حواسي مشاھدن ۽ تجربن وسيلي ڀروسي لائق علم جي پيروي ۾ سائنسي سوچ ۽ عمل کي فروغ ڏنو. جڏھن ته يورپ ۾ عين اھو دور علم ۽ تحقيق جي حوالي سان اونداھو دور ليکيو ويندو آھي. ھن دور جي نامور مسلمان دانشورن ۾ ابن الھيشم، ابن الرشد، الفارابي، ابن السينا، ابن الخلدون، جابر ابن الحيان ۽ ڪيترن ئي ٻين دانشورن، فلسفين ۽ سائنسدانن فلسفي، حسابن، فلڪيات، فزڪس، طب ۽ ڪيميا ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. اھي ڪيترن ئي شعبن جا باني بڻيا ۽ انھن توڙي ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي ايجادون ۽ دريافتون ڪيون. مسلمانن جو ھي علمي دور نام نھاد مذھبي عالمن ۽ حڪمرانن طرفان سائنس ۽ مذھب سان ٽڪراءَ جي بي بنياد الزامن جي ڪري اختتام تي پهتو. تنگ نظر عرب خليفن ھن سلسلي ۾ دنياوي علم ۽ سائنس کي غير مذھبي قرار ڏنو ۽ ان الزام ھيٺ ڪيترن ئي مسلمان محققن ۽ سائنسدانن کي سخت سزائون ڏنيون ويون.

ٻئي پاسي مسلمانن جي اسپين فتح ڪرڻ جي ڪري مشاھداتي ۽ سائنسي علم يورپ ۾ پھتو ۽ اتي علم ۽ شعور جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون ۽ عيسائيت ۽ چرچ خلاف بغاوتون شروع ٿيڻ لڳيون. فلسفي جي لحاظ کان ٻنھي پاسن کان صفبنديون ٿي ويون. ھڪ پاسي عيسائي پادري چرچ جي حڪومت جي سھاري پنھنجي مذھب کي سچو ۽ الھامي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ حواسي مشاھدي جي بنياد تي پيش ڪيل ۽ مذھب کان ھر ٿڙيل تصور ۽ ان جي پيش ڪندڙ فلسفين يا ڏاھن کي عبرتناڪ سزائون ڏياريندا رھيا. ٻئي پاسي ڪيترن ئي ڏاھپ ۽ سچ جي پروانن سچ جي آڳ ۾ جلڻ ته پسند ڪيو پئي پر ڪوڙ ۽ ڏاڍ جي ڏمر آڏو جھڪڻ پسند نه پئي ڪيو. انھن انتھائي حالتن ۾ اريسمس (Erasmus) ۽ ٿامس مور (Thomas More) انساني صلاحيتن، روايتي سکيا ۽ تنقيدي سوچ جي آبياري ڪئي؛  ڊيڪارٽي (Descartes)، اسپائينوزا (Spinoza) ۽ ليبنيز (Leibniz) ذھني ۽ عقلي استدلال ۽ منطق تي زور ڏنو؛ جڏھن ته فرانسس بيڪن (Francis Bacon)، جان لاڪ (John Locke) ۽ ڊيوڊ ھيوم (David Hume) حواسي ۽ مشاھداتي استدلال (Inductive/ Observatory Reasoning) تي زور ڏنو ۽ باقائده سائنس جو بنياد وڌو ۽ ان کي ھر عقلي علم مٿان فوقيت ڏياري. 17ھين ۽ 18ھين صدي جي يورپي ڏاھن وولٽيئر (Voltaire)، مونٽيسڪيو (Montesquieu) ۽ روسو (Rousseau) دليلن جي بنياد تي انفرادي حقن، خيال توڙي تقرير ۽ تحرير جي آزادي ۽ سماجي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو؛ امينيوئل ڪانٽ (Immanuel Kant) انساني ذھن ۽ علم جي محدوديت جي بنياد تي عقلي ۽ مشاھداتي منطق جي وڇوٽي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. مٿين ڏاھن جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانه پورھين ۽ قربانين جي نتيجي ۾ يورپ جھالت جي تاريڪ دور ۽ مذھبي استحصال مان جان ڇڏائي نئين سر جنم ورتو جنھن کي يورپ جو نئون جنم (Renaissance) چيو وڃي ٿو.

علمي، عقلي ۽ فلسفيانه ڇڪ ڇڪان ۾ فلسفن جو اڌ تعداد يا ٿورو گھٽ باقي فلسفن جي رد ۾ جوڙيل ۽ مخالف ڇيڙي جي انتھا تي بيٺل آھي. تصور-پسنديت ۽ حقيقت-پسنديت جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. ثباتيت (Perinealism) جا باني ۽ ان جا حامي تصورن، لقائن، اخلاقن ۽ شين جي دائمي ھجڻ جي پرچار ڪن ٿا، جڏھن ته اھي ڪائنات جي ھر ننڍي توڙي وڏي شيءِ ۾ تعمير ۽ تخريب، تغير ۽ تبديلي کي ڏسڻ کان غافل رھيا. ان جي مقابلي ۾ ارتقا (Evolution) جو فلسفو ۽ نظريو جاندار توڙي غير جاندار شين جي ھڪ ماخذ مان ڦٽي نڪرڻ جو تصور پيش ڪري ٿو. ھي فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا ۽ ڪائنات جي شين ۽ لقائن جي اندروني ۽ بيروني تضادن جي توازن ۾ تبديلي ۽ بگاڙ انھن ۾ نئين توازن کي جنم ڏئي ٿو جنھن جي ڪري شيون ۽ لقاء تبديل ٿيندا رھندا آھن؛ ٻين لفظن ۾ تعمير ۽ تخريب جا عمل سڀني جاندار توڙي غير جاندار شين ۾ جاري رھن ٿا.

مارڪسزم (Marxism) جو فلسفو پڻ ارتقا ۽ ان جي مٿين اصولن سان لاڳاپيل فلسفو آھي. ھي فلسفو ارتقا جا  اصول انسانن ۽ انساني سماج تي پڻ ساڳيءَ ريت لاڳو ڪري ٿو. مارڪسزم مطابق انساني سماج يا سماجي ادارا ٻن طبقن تي مشتمل آھن: ھڪڙو سرمائيدار طبقو آھي جيڪو ظالم، استحصال ڪندڙ غالب طبقو آھي ته ٻيو وري مزدور، مظلوم، محڪوم ۽ ڏتڙيل طبقو آھي. ظالم ۽ سرمائيدار طبقو مزدورن جي انساني محنت ۽ پورھئي جي ثمر، اجرت ۽ منافعي جو تمام وڏو حصو پاڻ کڻي پنھنجي زندگي کي ھر آسائش سان ڀرپور ۽ جنت بڻائي عيش پيو ڪندو آھي. ٻئي پاسي مظلوم ۽ ڏتڙيل مزدور طبقو سرمائيدار طبقي جي شعوري ۽ لڪل ظالمانه پاليسين سبب گھٽ اجرت ملڻ سبب پيٽ ۾ ڦاٿل رھندو آھي ۽ سندن زندگي عذاب بڻيل ۽ بڻايل ھوندي آھي. مارڪس ۽ لينن جو خيال ھو ته مظلوم طبقو (Prolitarats) جڏھن پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن جو شعور پيدا ڪندو ۽ تنقيدي سوچ، شعور ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪندو ته ظالم طبقي (Bourgeoisie) جو انت آڻي ڇڏيندو ۽ سماجي انقلاب برپا ڪري ڇڏيندو. باقي مارڪس ۽ لينن جو ھي خواب ته ملڪ توڙي دنيا ۾ اھڙي انقلاب بدولت غير طبقاتي سماج جڙي سگھندو جتي نه ڪو مالڪ ھوندو نه ڪو نوڪر ھوندو، سندن خام خيالي ھئي!

Leave A Comment