تصويرن تي فلٽر لڳائڻ تي ٻار ناراض ٿين ٿا: جويريا

تصويرن تي فلٽر لڳائڻ تي ٻار ناراض ٿين ٿا: جويريا

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪاره جويريا سعود انڪشاف ڪيو آهي ته تصويرن تي فلٽر لڳائڻ تي سندس ٻار ساڻس ناراض ٿيندا آهن.تازي  انٽرويو ۾ هن شوبز سميت مختلف موضوعن تي خيالن جو اظهار ڪيو. هڪ سوال جو جواب ڏيندي اداڪاره چيو ته اڄڪلهه جون ڇوڪريون بالي ووڊ جي اداڪارائن ڪرينا ڪپور، ڪترينه ڪيف ۽ ڪاجل کان تمام گهڻيون متاثر آهن، اهي ڀارتي اداڪارائن جهڙو ٿيڻ لاءِ چهري تي محنت ڪن ٿيون  هن چيو ته جڏهن آئون تصويرن تي فلٽر لڳائيندي آهيان ته منهنجا ٻار مون سان ناراض ٿي فلٽر لڳائڻ کان منع ڪندا آهن. جويريا جو چوڻ هو ته منهنجا ٻار مون کان سوال ڪندا آهن ته توهان الله جي تخليق سان مطمئن ناهيو؟ توهان فلٽر ڇو لڳائينديون آهيو؟  ٻار منهنجي موبائل فون مان فلٽر ايپ پڻ ڊليٽ ڪري ڇڏيندا آهن،  آئون ٻارن کان لڪي ايپ ٻيهر ڊائون لوڊ ڪري وٺندي آهيان.