تعزيت نامو … وقت، دردن جو قافلو  هڪڙو … ذوالفقار ھاليپوٽو

                 لاڙ پٽ ڪنڌار ۽ جوڌا پٽ ڄڻيا آھن- اھي جنم سنڌ جي زرخيز زمين جي کيتي آھن، جن کي سرويچ سجاولي ھڪڙي ئي شعر ۾ اھڙو ته ڳائي وڄائي پيش ڪيو آھي جو سچ ته دريا ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿس.

“جنت الفردوس آھن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون”

ھو دريائي ڪناين جو ماڻھو ھو- ھو سمنڊ جي ڇاڙھ کي سمجھڻ وارو روح ھو، ان ڪري ھڪ شعر ۾ خيال سمنڊ جي گھرائي کان به گھرو نظريو ڏئي ويو. لاڙ لاکيڻن جو ديس آهي. لاڙ پٽ جي اھڙن ئي لاکيڻن ماڻھن مان مزاحمت، جرئت، جماليات ۽ سلوڪ جو ھڪ ٻيو ستارو سائين عالم شاھ لاڏاڻو ڪري ويو.

“ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي،

جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،

نڪي منڱيان، نڪي پرڻيا نڪي ٿي نکيٽي،

تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري”

(مرشد لطيف)

ھو ٺٽي جي دڙي واري علائقي جي مٽيءَ مان ڳوھجي دنيا ۾ آيو. سندس جنم ڀومي ھڪ اھڙو خطو جنھن صدين تائين دنيا جي  سامونڊي معيشت ٿي راڄ ڪيو. جنھن جا بندر  جاگرافيائي حوالي سان اڄ جي پناما ۽ ابنائي ھرمز کان به وڌيڪ اھم ۽ قيمتي رھندا آيا،

جنھن تھذيبن کي جنم ڏنو. جنھن لاء قائد اعظم يونيورسٽي ۾ اسان جي استاد ۽ عالمي شھرت يافتا تاريخدان، آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ  پنهنجي ڪتاب

 ‘Thatta Islamic Architecture’ ۾ لکيو آھي ته  مير علي شير قانع جي لکيل تحريرن ء پوء نامور بين الاقوامي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح جي ھوندي سنڌ پاڪستان کي ھن عظيم خطي تي فخر ڪرڻ گھرجي-

سيد عالم شاھ ان خطي جي مٽي ھئو، جنھن لاء سنڌ جو نامور سياسي ڏاھو ۽ تعليم دان ڊاڪٽر رجب ميمڻ صاحب فخر سان چوندو ھو ته سنڌ ۽ ان جو لاڙ پٽ ڪڏھن به  اڳرائي نه ڪرڻ باوجود به سڪندر اعظم کان وٺي دؤر جديد جي آمرن ضياء الحق ۽ پرويز مشرف کي شڪست ڏيندو آيو آھي. دور حاضر جي آمرن خلاف سنڌين جي شاندار پرامن تحريڪن جي ڪاميابي ۾ سيد عالم شاھ صاحب جي ذاتي توڙي تنظيمي سگھ ء فڪر اڳڀرو رھيو آھي.

ٺٽو پرڳڻو ۽ سندس چئن ئي راڄڌانيون درياھ جي بنھي ڪپن تي عظيم ڪردار پيدا ڪندا رھيا آھن، جن جي سياست، علم، فڪر، جدوجھد، مزاحمت، شاھ صاحب جي رت ۾ شامل تي وئي ھئي. شاھ عنايت شھيد، شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو، ابراھيم منشي، مجيدي، سرويچ سجاولي، ديبل، ڀنڀور، دريائي ڪپ، مھاڻا – ھر رنگ عالم شاھ جي  فڪري بيھڪ کي سگھارو ڪيو.

“ڪي نوان ئي عذاب آڻيندي

ننڊ ايندي ته خواب آڻيندي

وقت، دردن جو قافلو  هڪڙو

آس، سُکَ جا سَراب آڻيندي.”

(اياز گل)

سيد عالم شاھ جو وڇوڙو رڳو ايم آر ڊي جي ھڪ ھيرو ۽ عوامي تحريڪ جي ھڪ اھم اڳواڻ جو وڇوڙو ناھي پر سندس وڃڻ سان لاڙ پٽ جي ھن پوري پس منظر جو ھي  شاندار باب پڄاڻي تي پھتو. دڙي شھر ۾ ھڪ سادات گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ سيد عالم شاھ عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻن ۽  ضياء الحق خلاف ايم آر ڊي کان وٺي پرويز مشرف خلاف پاڻي تحريڪ جي ھيروز ۾ شمار آھي. ھو مٽياري لڏي اچي ويٺو.

“آڻ پڻيءَ تي پنهنجون پنبڻيون، کِههَ ۾ اکڙيون کولِ،

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀرسان ويهي، پنهنجي ڳُجهه کي ڳول-“

(شيخ اياز)

  سيد عالم شاه صاحب  پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي حقن ۽ مظلوم طبقي جي حاصلات لاءِ وقف ڪئي. عورتن جا حق، ماحولياتي حق، ٻارڙن جا حق. اقليتن جا حق بنيادي فڪري ايجنڊا طور ساھ سان سانڍي رکيا. رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو جي فڪري تربيت ء لاڙ پٽ جي ھوا کيس عوامي رنگ ۾ اچي سياست ڪرڻ لاء اتساھيو.

ھن سنڌ جي جهر جهنگ، ٻھراڙين توڙي شھرن ۾ سياسي شعور پکيڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هڪ  نظرياتي اڳواڻ طور ھو سنڌ جي هارين پورهيتن ۽ وچولي طبقي کي منظم ڪرڻ ۾  عوامي تحريڪ جي تاريخي ڪردار جو حصو رھيو. پنھنجي تنظيم ۽ ساٿين سان  وڏي جرئت سان، فڪري اوچائين سان آمريت جي اکين ۾ اکيون وجهي سنڌ جي جمھوري، آئيني ۽ سياسي حاصلات لاء وڙھندو رھيو.

سنڌ جي حقن خاص ڪري پورھيت حقوق، طبقاتي برابري، پاڻي، ناڻي، قدرتي  وسيلن ۽ ثقافتي بقا واري جنگ ۽ جدوجهد ھن جي سياسي سوچ جا خاص موضوع ھئا.

سياسي سڄاڳي ۽ نظرياتي اڳڀرائي جي عظيم پورھئي جي ڏوھ ۾  کيس جيل، قيد، ٽارچر جون سختيون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ جي جدوجھد، مزاحمت، ان پويان بيٺل قيادت جي بهادري، سياسي اصولي ڪردار، عوامي تحريڪ کي سياسي طور وڏو قدآور مورچو بڻائي چڏيو. عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ايم آر ڊي تحريڪ جا ھيرو بڻجي ويا.

سيد عالم شاهہ پليجي صاحب جي  فڪري اسڪول جو شاگرد ھو. سياست کي عبادت ۽ علم کي هٿيار سمجهڻ واري سياست کي ايمان بڻائي ھو پليجي صاحب جو ساٿي، دوست، پوئلڳ بڻجي  پليجي صاحب جي هر سڏ تي لبيڪ چوڻ وارو ڪامريڊ بڻجي ويو.

ان ڪميٽمينٽ ء وفاداريءَ جي ڪري کيس ڪنھن به سياسي پارٽي جي سڀ کان ڏکئي ڪم تي لاٿو ويو٫ اھو ھو تنظيم کي مضبوط ڪرڻ – جنھن لاء ھو  ڏينهن رات سنڌ جي ننڊي وڏي شھر ۾ وڏي جاکوڙ ڪندو رھيو- واھڻ واھڻ وستي وستي ڪيڊر تيار ڪرڻ جي جستجو ۾ سرگرم رھندو آيو. هو تنظيمي فڪر، مقصد ۽ نظريي سان ساھ جي آخري تند تائين وفادار رهيو. ھو عاجزي، سادگي ء نوڙت  واري طبيعت، سڀاء ء مزاج جي ڪري، پارٽي ۽ اتحادي ته ڇا پر مخالفن ۾ به عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو ھو. پنھنجي تنظيم جي ھڪ قدآور  سياسي اڳواڻ هجڻ باوجود ھن جو ورتاء ورڪرن وارو رھندو آيو ھو.

​اڄ دڙي ۽ مٽياري سوڌو سموري سنڌ جي اک آلي آھي- اڄ سنڌ جي پرامن سياسي انڊلٺ  هڪ اهڙي سربراھ کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن سنڌ جي عالمي اوج کي بحال ڪرڻ جي جدوجھد ۾ زندگي گذاري ڇڏي. ھن پنھنجي تنظيم، فڪري ساٿين ۽ قيادت سان گڏجي سنڌي سماج کي شعور ڏنو. سنڌين کي پرامن جدوجھد ۽ همت جو سبق ڏنو.

ھن عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ توڙي پوري پاڪستان جي سياست ۽ سياسي قيادت کي سمجھيو. گفتگو م، سياسي سفارتڪاري، اتحادن جي سياست، گھڻ خيال پنڊال ۾ اتفاق راء پيدا ڪرڻ جو آرٽ، قراردادن وقت مھارت سان سنڌ جي ڳالھ کي اڳڀرو ڪرڻ جو آرٽ- ھو پليجي صاحب سان گڏ رھي ڪري  اھي سياسي گر سکي ويو ھو. ان ڪري ھن وٽ سياسي ۽ سماجي تحرڪ جي وڏي  اھميت ھوندي ھئي. نتيجي ۾ پونم ۽ اينٽي ٿل ڪئينال ڪميٽي جي قيادت سان گڏ ويھڻ کان ٿيندي مٽياري ضلعي جي مقامي مسئلن جي حل لاء جوڙيل مٽياري ائڪشن ڪميٽي ۾ به ويھڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو ھو.

ھن پنھنجي سموري  زندگي هڪ ئي نظرئي ۽ تنظيم کي ارپي ڇڏي- جنھن خيال ۾ سياسي اک کولي ان ئي خيال کي آخري پساهه تائين جاري رکيائين. ھن جي چھري تي ھر وقت ھڪ خاص مرڪ ۽ سڪون رھندو ھو. ھو ڏوراپي ۽ شڪايت وارو روح ئي نه ھو. زندگي جي سموري ڪڙي سچائين کي حقيقت پسندي سان قبول ڪري ڏکن سکن- پريشانين- مسئلن مونجھارن، تڪليفن کي منھن ڏيندو رھيو. پر پليجي صاحب جي وفات ھن کي ڪمزور ڪيو- پوء پياري ترين پوٽي جي  لاڏاڻي کيس روحاني طور جھوري وڌو. ان سانحي کان پوء سائين ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿيندو ويو.

“حسن تي مرڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي،

مري پوءِ جيئڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.

جفا جي شهر ۾ اڳيان خنجرن جي،

گهمڻ ۽ ڦرڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.”

(بیخود بلوچ)

سائين عالم شاھ حيدرآباد ۽ مٽياري ۾ رھڻ ڪري حيدرآباد جي سول سوسائيٽي جي محفلن، ادبي حلقن جي انجمنن، سماجي مجلسن ۾ خوشي سان شامل ٿيندو ھو. سٺو  ڳالھائيندو ھو ته جھونگاريندو به ھو. اڄ انھن شھرن جي محفلن جو به ھڪ متحرڪ ميمبر ھليو ويو. سنڌ اندر نظرياتي سياست جي اھا پيڙھي ھاڻ ختم ٿيڻ تي آھي- دعا آھي ته شال سندن پورھئي مان آئيندا لاء به فڪري نظرياتي طور سنڌ دوست سياسي ڪيڊر اڀري اڳيان اچي. مان ذاتي طور ھن سانحي تي پنھنجي پيارن دوستن علي مير شاھ، رضوان شاھ سوڌو پوري پريوار ۽ سموري سنڌ سان تعزيت ڪريان ٿو.