تعشفين عالم، عدنان رشيد ۽ منصور عباسي موٽر وي ڪرپشن ڪيس جا مک جوابدار، جاچ رپورٽ عدالت حوالي

آگسٽ 8, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي انويسٽيگيشن رپورٽ پيش ٿيڻ بعد 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ پيش ٿيڻ بعد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جا به امڪان آهن، ٻڌڻي دوران گرفتار معطل ڊي سي عدنان رشيد، اي سي منصور عباسي، اسلم پيرزادي سميت سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا

نيب جي جاچ آفيسر ايم سڪس حيدرآباد/ سکر موٽروي جي جاچ مڪمل ڪري 11 فولڊرز تي مشتمل جاچ رپورٽ جون ڪاپيون عدالت کي فراهم ڪيون، عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي ايف آءِ آر جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن

موٽروي ڪرپشن ڪيس جو 1/2023ع تحت ريفرنس 19 ڄڻن خلاف داخل ٿيو، انويسٽيگيشن گڏيل طور هئڻ سبب رپورٽ ۾ مٽياري جي معطل ڊي سي عدنان رشيد، نوشهروفيروز جي معطل ڊي سي محمد تعشفين عالم، اي سي سعيد آباد منصور عباسي کي مک جوابدار ڄاڻايو ويو آهي

رپورٽ ۾ سنڌ بئنڪ جي ڊويزنل هيڊ رياض احمد جي معاونت ۽ انويسٽيگيشن آفيسر 3 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي، ڪيس آفيسر مسعود احمد جي صحيح ٿيل آهي ۽ شاهدن ۾ عديل ضياءَ ۽ غلام عباس جا نالا به ڏنا ويا آهن

وڪيل عشرت لوهر چيو ته  رپورٽ ڏسڻ سان کين اهو اندازو ضرور ٿيو آهي ته نيب پاران سمورا تفصيل لکيا ويا آهن ته ڪهڙي جوابدار ڪيئن ۽ ڪهڙي مد ۾ ڪرپشن ڪئي، وڪيل دعويٰ ڪئي ته ايف آءِ آر مطلب پڪو چالان پيش ٿيڻ بعد ممڪن آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جوابدارن تي ڪيس چارج فريم ڪندي

رپورٽ پيش ڪرڻ سبب جوابدارن جي ضمانت تي دليل نه ڏنا ويا

ڪيس جي شنوائي بابت ايڊووڪيٽ عشرت علي لوهر جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي دوران رڳو نيب جي جاچ آفيسر انويسٽيگيشن رپورٽ عدالت کي پيش ڪئي جڏهن ته ڪجهه جوابدارن پاران ڏنل ضمانتن واري درخواست تي دليل نه ٿي سگهيا جيڪي ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل ڪيا ويندا، هن چيو ته جاچ رپورٽ جي هر ڪاپي 11 فولڊرز تي مشتمل آهي. هر هڪ فولڊر ۾ انيڪ صفحا آهن جنهن کي پڙهڻ بعد ڪا معلومات ڏئي سگهبي

سنڌ بئنڪ مان 487 ڀيرا کاتيدارن کي پئسا ڏيڻ بهاني ٽرانزيڪشن ٿي

موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جو ريفرنس 18 جولاءِ 2023ع تي مٽياري جي معطل ڊي سي عدنان رشيد سميت 19 ڄڻن خلاف داخل ٿيو هو، ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ هاڻي نيب تفصيلي رپورٽ به عدالت کي فراهم ڪري ڇڏي آهي

رپورٽ ۾ نيب ڄاڻايو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي حيدرآباد-سکر موٽروي جي تعمير لاءِ زمين گهربل هئي جنهن جي خريداري لاءِ انهن 5 بلين رپيا رقم جاري ڪئي. ڄاڻايل رقم سنڌ بئنڪ کي منتقل ٿي جتان کاتيدارن کي فراهم ٿيڻي هئي

 سنڌ بئنڪ ڪراچي جي هيڊ آفيس ۾ اي وي پي ٽو آءِ ٽي ڊويزن جي عملدار رياض احمد جي صلاح سان نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو ڪراچي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن آفيسر ٿري عرفان علي نيب جي عديل ضياءَ ۽ غلام عباس کي گواهه طور نامزد ڪري تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته موٽروي جي زمين لاءِ کاتيدارن کي رقم ڏيڻ بهاني 487 ڀيرا سنڌ بئنڪ جي مختلف برانچز مان ٽرانزيڪشن ڪئي وئي ۽ رقم ڏيڻ لاءِ 474 اوپن چيڪ ڏنا ويا جن مان برانچ مئنيجر مير محمد سهاڳ 441 ۽ آپريشن مئنيجر راحيل احمد شيخ 41 چيڪن جي تصديق ڪئي

 جاچ آفيسر موجب ته 103 ڀيرا ٿيل ٽرانزيڪشن ۾ به رقم حاصل ڪئي وئي پر انهن ماڻهن جي ڊيٽا رکڻ بدران برانچز ۾ رڳو اين آءِ سي ظاهر ڪيا ويا جڏهن ته انهن قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق بابت معلوم ڪيو ته اها به کين ڪٿي هٿ نه آئي جنهن بعد کين ڄاڻ ملي ته 103 ڀيرا ٿيندڙ ٽرانزيڪشن برانچ جي ڪيشيئر سيد علي حيدر شاهه ۽ امجد علي ڪئي

ان کان علاوه کاتيدارن کي رقم فراهم ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل لاڳاپيل برانچز مان 2 ڀيرا چيڪ بڪ به وصول ڪيا ويا جڏهن ته ان جو به ڪليئر رڪارڊ چيڪ نمبر ۽ ٻيون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون هيون

390 ماڻهن کي بنا بايوميٽرڪ ۽ 84 ماڻهن کي بايوميٽرڪ ذريعي ٽرانزيڪشن ٿي: بئنڪ عملدار

نيب پاران عدالت کي فراهم ڪيل انويسٽيگيشن رپورٽ ۾ نيب کي معلومات فراهم ڪندڙ اي وي پي ٽو آءِ ٽي ڊويزن سنڌ بئنڪ جي عملدار رياض احمد پٽ ممتاز علي بابت ڄاڻايو ويو آهي ته کيس 22 مئي 2023ع تي يو/ ايس 164 سي آر پي سي تحت نيب پاران بيان ڏيڻ لاءِ فون ڪيو ويو جنهن ۾ کانئس حيدرآباد-سکر موٽروي ۾ ٿيل ڪرپشن بابت مٽياري جي اڳوڻي معطل ڊي سي عدنان رشيد، نوشهروفيروز جي ڊي سي محمد تاشقين عالم، سنڌ بئنڪ جي انتظاميا ۽ ٻين جوابدارن پاران رقم جي ٽرانزيڪشن ۽ وصولي بابت ڄاڻ ورتي وئي جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته هن هڪ سسٽم تحت ٺاهيل رپورٽ فراهم ڪئي آهي

بئنڪ عملدار موجب ته 390 ماڻهن کي بنا بائيوميٽرڪ تصديق جي رقم جي ادائيگي ڪئي وئي جڏهن ته رڳو 84 ماڻهن کي بائيوميٽرڪ تصديق سان رقم فراهم ٿي

Leave A Comment