Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_617sgphoqdskdts0nvfvjkes2u, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تعصب جو بڻ بنياد ... جاويد پنهور - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تعصب جو بڻ بنياد ... جاويد پنهور - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

تعصب جو بڻ بنياد … جاويد پنهور

تعصب جي لفظي معنيٰ آهي دل ۾ ٻين لاءِ نفرت کي اڏڻ نسلي تعصب جي معنيٰ آهي ته پاڻ کان ٻئي ڪنهن کي نيچ ۽ ڪمتر سمجهڻ ۽ اهو ظاهر ڪرڻ ته اسان ئي بهتر آهيون. خدا جا به عجيب رنگ آهن ڪنهن کي ڏئي رنگ ڪارو ته ڪي وري ڀورا ۽ اهائي شيءَ نسلي تعصب کي جنم ڏئي ٿي جيڪڏهن اسان اسلام کان پهريان واري ڳالهه ڪريون ته غلامن جو به واپار ٿيندو هو ۽ اڪثر غلام رنگ جا مشڪي هوندا هئا جنهن جو واضح مثال بلال حبشي آهي.يورپ غلامن جي واپار جي ڳڙهه ڄاتو وڃي ٿو هونئن ته غلامي هزارين سالن کان دنيا ۾ موجود هئي شايد تڏهن کان جڏهن کان انسان جي دل ۾ ٻئي لاءِ نفرت جي چڻنگ دکي ۽ پنهنجي مفادن جي پوراءُ لاءِ ٻين جو استعمال ڪرڻ لڳو. غلامن جو واپار 15 صدي ۾ عروج تي رهيو جڏهن پرتگالين ۽ آفريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ واپار جا لاڳاپا قائم ٿيا انهيءَ زماني ۾ افريڪا پنهنجي قبيلن مان قيد ڪيل غلام يورپ کي وڪڻڻ لڳا ۽ پڻ آمريڪا ۾ يورپ جي ڪري ان واپار جو شعور اچڻ لڳو سترهين کان اوڻيهين صدي جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ويهه ڪروڙ آفريڪي سامونڊي جهازن ۾ ڀري آمريڪا ڏانهن موڪليا ويا ۽ اهي غلام جيئن ته جهازن ۾ ڳتجي سٿجي انهن جو چوٿون حصو آمريڪا تائين پهچڻ ۾ مري ويندو هو ۽ باقي بچيل صرف ساهه کڻڻ جي لائق ئي هوندا هئا ۽ جيڪي انهن مان صحيح سلامت گورن جي هٿ ۾ پهچندا هئا ته هو انهن سان انتها جا ظلم ڪندا هئا ۽ ان جي ڪري ئي يونائيٽيڊ اسٽيٽ ۽ يورپي ملڪن ۾ نسلي تعصب جو بنياد انهيءَ گورن جي جي ورتاءُ سبب وڌيو.
ڪاري رنگ کي اڄ به حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻين انسانن جي ڀيٽ ۾ کين انهن کان برابر جا حق کسي کين احساس ڪمتري جو شڪار ڪيو ٿو وڃي تازوئي آمريڪا ۾ گورن آفريڪا جي ڪارن سان انتها جا ظلم ڪيا جنهن جو سبب Apple of discord ڊونلڊ ٽرمپ هو هن وقت به ڪاري رنگ وارن سان اهوئي سلوڪ ڪيو ٿو جيڪو چند صديون پهريان ٿيندو هو. اها رنگ واري فوڪيت صرف گورن ۾ نه پر مسلمانن ۾ پڻ موجود آهي هن وقت به پاڪستان ۾ ڪيترائي شيدي پاڪستان ۾ رهائش پذير آهن ۽ خانه بدوش واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن انساني حقن جي تحفظ لاء ڪم ڪندڙ اداره به ان موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن. ايڪويهين صديءَ جي نالي چيو وڃي ٿو ته هي صدي انسان جي بادشاهت جي صدي آهي ۽ جيڪو انسان چاهيو آهي اهو ماڻيو اٿس پر اهڙي سنگ ميل عبور ڪرڻ جو فائدو ڪهڙو جٿي اڄ به انسان، انسان سان نفرت ڪري رهيو آهي محظ رنگ، نسل، ذات پات جي ڪري جڏهن ته سڀني کي خلقيندڙ به ساڳو سڀني جي ارتقا به ساڳي طور طريقي سان ٿي پوءِ ايترو نسلي تعصب ڇو آخر ان جو توڙ ڇا آهي? نسلي تعصب تڏهن ئي ختم ٿي سگهي ٿو جڏهن انسان پنهنجي سوچ کي وسيع ڪري ۽ هر سامهون فرد جي باري ۾ اهيو سوچي ته اهيو به مون وانگر انسان آهي جيڪڏهن اسان شين جي ڀيٽ ڪندا آهيون ته لازمن اسان فوڪيت هڪ کي ئي ڏئي سگهندا آهيون پوءِ ساڳو ئي قانون اسان پاڻ تي اپلائي ڪنداسين ته ضرور پاڻ کي ئي معتبر سمجهنداسين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *