تعليمي ادارا هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند ڪرڻ جو اعلان: امن لاءِ ڪچي جي زمين سروي ۽ ميپنگ ٿيندي: ڪڻڪ خريداري پاليسي منظور

تعليمي ادارا هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند ڪرڻ جو اعلان: امن لاءِ ڪچي جي زمين سروي ۽ ميپنگ ٿيندي: ڪڻڪ خريداري پاليسي منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا پاران امن لاءِ ڪچي جي زمين سروي ڪري ميپنگ ڪرڻ جي منظوري، ڪڻڪ خريداري پاليسي به منظور، تعليمي ادارا ٻه ڏينهن بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي ڪچي وارن علائقن يعني دريائي علائقن جي جامع سروي ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي ته جيئن امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي، زمين جي انتظام کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي جاري سرينڊر پاليسي جي حمايت ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪچي وارن علائقن جي سروي زمين جي رڪارڊ ۾ ڊگهي عرصي کان موجود اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، جيڪي روينيو آفيسن ۾ ٻيلي کاتي ۽ مختلف وفاقي ادارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. هن سروي ذريعي زمين جي ملڪيت، استعمال جو ڊجيٽل ۽ درست رڪارڊ تيار ڪيو ويندو، جنهن سان لاڳاپيل عملدار قانوني رهواسين جي سڃاڻپ ڪري سگهندا ۽ غيرقانوني قبضا روڪي سگهندا. هن منصوبي جي لاڳت اٽڪل 705 ملين رپيا آهي. ڪابينا سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ قانون تحت ڇوٽ ڏئي فوري طور ڪم شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني. لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي منصوبي جي مدت 25 مهينن کان گهٽائي 15.5 مهينا ڪئي وئي، جڏهن ته مختلف ڊائريڪٽوريٽ هڪ ئي وقت ڪم ڪندا ته جيئن منصوبو جلدي مڪمل ٿي سگهي.ڪچي وارن علائقن جو سروي جديد جغرافيائي ٽيڪنالاجي جهڙوڪ سيٽلائيٽ تصويرون، جي آءِ ايس ميپنگ ۽ جديد جغرافيائي اوزار استعمال ڪندي ڪئي ويندي. هي منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ ڪچي وارن علائقن جي زمين جي حدن جي سڃاڻپ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 624 ديهن جي تفصيلي ڪيڊسٽرل ميپنگ، زمين جي حدبندي ۽ ملڪيت بابت ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي. سنڌ ڪابينا شفافيت ۽ مالي نظم و ضبط لاءِ هدايت ڪئي ته هي منصوبو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ذريعي گرانٽ ان ايڊ بدران نان-اي ڊي پي اسڪيم طور لاڳو ڪيو وڃي. وڏي وزير هن اپاءَ کي ڪچي وارن علائقن ۾ رياست جي عملداري بحال ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. ھن چيو ته زمين جي واضح سڃاڻپ قانوني رھائشين ۽ ڏوهاري عنصرن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، جيئن سرينڊر پاليسي ۽ ڊگهي مدي واري امن کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙي ريت  سنڌ ڪابينا ربيع جي ھلندڙ سيزن لاءِ ڪڻڪ خريداري واري پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو، امدادي قيمت 3500 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي. خريداري رڳو سنڌ ڪڻڪ آبادگار سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ 332000 کان وڌيڪ هارين کان ڪئي ويندي. هر هڪ ايڪڙ مان 100 ڪلوگرام جون پنج ٻوريون خريد ڪيون وينديون ۽ 60 ۽ 100 رپيا في ٻوري جو معاوضو پڻ ڏنو ويندو. ادائيگيون سڌو سنئون هارين جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ٿينديون. ڪابينا اپريل کان جون 2026ع تائين ڪموڊٽي فنانسنگ لاءِ ڪيش ڪريڊٽ جي حد 221 ارب رپيا ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني. ڪڻڪ خريداري جا مرڪز پهرين اپريل 2026ع کان فعال ڪيا ويندا. اڄ کان خريداري شروع ٿي ويندي. سنڌ ڪابينا ٻوڏ متاثر روڊن جي بحالي لاءِ 888.244 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، تلهار- ٽنڊو باگو روڊ جي بحالي، نوشهروفيروز روڊ کي مهراڻ هاءِ وي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ سوڌو ملير-گهگهر ڦاٽڪ روڊ جي مرمت لاءِ  2.55 ارب رپين جي  منظوري ڏني وئي، سنڌ ڪابينا سکر ۽ روهڙي ۾ ترقياتي منصوبن جي به منظوري ڏئي ڇڏي، نيشنل ميڊيڪل ڪامپليڪس جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ  جي هدايت ڪئي وئي، سنڌ ڪابينا مزارن ۽ مذهبي هنڌن جي لاءِ ترقياتي منصوبن جي منظور ڏئي ڇڏي، درازا ۾ حضرت سچل سرمست لائبريري ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي، لاڳت 5 ڪروڙ 15 لک رپيا هوندي، ڀٽ شاهه ۾ حضرت شاهه لطيف ڀٽائي جي مزار تي به ترقياتي ڪمن جي منظوري ڏني وئي، 3 ڪروڙ 36 لک رپيا مختص ڪيا ويا، ڀٽ شاهه ۾ روڊن جي بحالي ۽ 200 ڪي وي اي ٽرانسفارمر لڳائڻ پڻ شامل آهي زائرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.وڏي وزير 25 سيڪڙو فنڊ ترت جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني. جڏهن ته عورت فائونڊيشن لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي گرانٽ پڻ منظور ڪئي وئي آهي، سنڌ ڪابينا اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي فريم ورڪ تحت گرين ڪارپوريٽ لائيو اسٽاڪ انيشٽو سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي منظوري ڏني، ته جيئن جديد نسل افزائي ٽيڪنالاجيز ذريعي لائيو اسٽاڪ کي جديد بڻايو وڃي. هي پنج سالن وارو پروگرام سڪسڊ سيمين ۽ ايمبريو ٽرانسفر ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو، جيڪو کير جي پيداوار ۾ واڌارو ڪندو ۽ ھارين جي آمدني بهتر ڪندو. ابتدائي طور تي رٿا لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، سنڌ ميوزيم حيدرآباد لاءِ 305 ملين منظور ڪيا ويا جيڪي ايندڙ بجيٽ ۾ شامل هوندا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  چيو ته اهي فيصلا سنڌ حڪومت جي جامع حڪمراني واري طريقي جي عڪاسي ڪن ٿا، جنهن ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي، سماجي ڀلائي، اداري سڌارا ۽ معاشي جديدڪاري کي گڏ ڪري عوام کي عملي فائدا پهچائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌ سرڪار نئين تعمليمي سال دوران ھفتي ۾ 2 ڏينهن موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ اڄ کان تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته سڀاڻي (اڄ) کان سمورن اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ ريگيولر ڪلاسز شروع ٿيندا، آن لائن ڪلاسز نه ٿيندا، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي، هفتي ۾ پنج ڏينهن تعليمي ادارا کليل هوندا، هن چيو ته ڪجهه فيصلا ٿيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ڪفايت شعاري قدمن تحت فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪو به کاتو بجيٽ کان ٻاهر رقم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست نه موڪليندو، هن چيو ته هن وقت صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا جنگي صورتحال سبب مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ڪچي وارن علائقن جي جامع سروي جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ان لاءِ رقم به رکي وئي آهي، جنهن سان سيڪيورٽي مسئلن جي حل ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته گهرو کاتي طرفان ڪچي ۾ آپريشن به ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڳورهاري عورتن ۾ ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي بروقت سڃاڻپ لاءِ هڪ جديد ٽيچنگ سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي ته جيئن طبي عملي کي تربيت ڏني وڃي، سنڌ ڪابينا ايس ڊي جيز تحت 98 اسڪيمون منظور ڪندي 4.33 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ پوليس ڪچي وارن علائقن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، مختلف ضلعن ۾ آپريشن دوران 393 ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، هن چيو ته  اوٻاڙو کان ٺٽو تائين ڪچي وارن علائقن جي سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته انهن علائقن جا ماڻهو، خاص طور عورتون، زمينن جي الاٽمينٽ مان فائدو حاصل ڪن،ھن چيو ته ملٽري گريڊ هٿيارن جي فراهمي بابت وفاقي ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ پنجاب ۾ موجود هٿيارن جي هڪ وڏي ذخيرو سنڌ پوليس تباهه ڪيو آهي.