تعليمي ادارو يا ٽارچر سيل؟ ڊاڪٽر اي ڪيو اسڪول اسلام آباد بابت شاگردن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

جُون 24, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڊاڪٽر عبدالقدير اسڪول اسلام آباد جو شاگرد عبدالصمد فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻيا شاگرد انتظاميا خلاف سامهون اچي ويا، ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن

هڪ شاگرد جنهن پنهنجو نالو امر سنڌي ڄاڻايو، هن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته آئون نوشهري فيروز سان تعلق رکان ٿو،  2020ع کان 2022ع تائين اي ڪيو خان ڪاليج ۾ پڙهيو آهيان، جتي شاگردن کي پهريان وڏا خواب ڏيکاريا ويندا آهن پوءِ قيد ڪيو ويندو آهي

هن چيو ته انتظاميا جو رويو ظالماڻو هوندو آهي، شاگردن تي جسماني تشدد ڪيو ويندو آهي، هن الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته شاگردن سان مبينا بدفعلي جون وڊيوز به وائرل ٿيون هيون، وڊيوز ٺاهي شاگردن کي هراسان ڪيو ويندو آهي

ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسڪول ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد بابت هڪ ٻئي شاگرد عبدالقيوم تيوڻو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته آئون ان تعليمي اداري ۾ پڙهي آيو آهيان، هاسٽل جو کاڌو خراب هوندو هو، ڪوڪا ۽ جيت نڪرندا هئا، ڪڇندا هئاسين ته اسان مٿان تشدد ڪيو ويندو هو

هن الزام هڻندي چيو ته شاگردن جي تذليل ڪئي ويندي آهي، هراسان ڪيو ويندو آهي، تشدد سبب اسان ويهي به نه سگهندا هئاسين، انتظاميا جي اهڙي رويو جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، شاگردن سان ظلم بند ڪيو وڃي

عبدالقيوم تيوڻو موجب عبدالصمد کان اڳ 2020ع ۾ ستين جماعت جو شاگرد ممتاز راڄپر به ميس جو خراب کاڌو کائڻ جي ڪري بيمار ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو هو

Leave A Comment