| تعليمي بورڊ ميرپورخاص ميگا اسڪينڊل: جعلي سرٽيفڪيٽن ۽ مارڪون وڌائڻ تي اڍائي ارب رپيا وصولي، جاچ مڪمل |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ هڪ ٻي حيرت انگيز اڳڀرائي سامهون آئي آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي ميرپورخاص طرفان مڪمل ڪيل جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي ڪنٽرولر/ڏسو صفحو 5 بقايا 34
امتحانات انور عليم خانزاده مبينا طور ميٽرڪ ۽ انٽر جا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ مارڪن ۾ واڌ ڪرڻ عيوض شاگردن کان لڳ ڀڳ اڍائي ارب رپيا وصول ڪيا۔اينٽي ڪرپشن جي ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جاچ مڪمل ڪري رپورٽ ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن ڏانهن ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ اماڻي ڇڏي، ٽائون ٿاڻو ميرپورخاص ۾ داخل ڪيس نمبر 03/2026 تحت هلندڙ جاچ دوران اهم شاهديون ۽ بيان سامهون آيا آهن، جن سان وڏا حيرت انگيز انڪشاف ٿيا آهن، رپورٽ موجب 2021ع کان 2025ع تائين ميٽرڪ ۽ انٽر جا 2539 جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا، جن جي عيوض في سرٽيفڪيٽ 5 کان 10 لک رپيا وصول ڪيا ويا۔ جاچ دوران اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته مارڪن ۾ واڌ لاءِ هر هڪ اميدوار کان 40 کان 50 هزار رپيا ورتا ويا، ۽ هن مد ۾ 15527 ڪيس سامهون آيا، جن مان وڏي رقم وصول ڪئي وئي، جڏهن ته مجموعي رقم اڍائي ارب رپين تائين پهچي وئي۔
| وڌيڪ گرفتارين جو امڪان، اينٽي ڪرپشن جاچ دائرو وڌائي ڇڏيو |
ميرپورخاص: هن ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن اختيارين جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري/ڏسو صفحو 5 بقايا 32
ڇڏيو آهي۔انڪوائري ٽيم ۾ اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جا ڊپٽي ڊائريڪٽر اسدالله ميراڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رحمت الله راڄپر، انسپيڪٽر دليپ ڪمار ۽ انسپيڪٽر محمد يونس شامل هئا۔ ٽيم گرفتار ٿيل بورڊ ملازمن، الحاق ٿيل اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مالڪن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا،اينٽي ڪرپشن موجب هي اسڪينڊل تعليمي نظام ۾ موجود سنگين بدعنوانين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ حيرت انگيز انڪشاف سامهون اچڻ جا امڪان آهن.
بورڊ جا وڌيڪ ملازم، ايجنٽس ۽ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جا مالڪ به اسڪينڊل ۾ ملوث
ميرپورخاص: گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ انٽر سيڪريٽ برانچ جو انچارج شاهد لطيف، اسسٽنٽ ڪمپيوٽر پروگرامر اعظم خان ۽ مبينا مرڪزي ڪردار انور عليم خانزاده جو فرنٽ مين غلام حسين راڄڙ شامل آهن، جن جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا۔وڌيڪ اهو به سامهون آيو آهي ته ميرپورخاص بورڊ جا ٻيا ملازم، ايجنٽس ۽ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جا مالڪ به هن اسڪينڊل ۾ ملوث آهن.