تعليمي بورڊ ميرپورخاص ميگا ڪرپشن اسڪينڊل: اڳوڻو ڪنٽرولر گرفتار

تعليمي بورڊ ميرپورخاص ميگا ڪرپشن اسڪينڊل: اڳوڻو ڪنٽرولر گرفتار

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم خانزادي کي اينٽي ڪرپن جي ٽيم گرفتار ڪري ورتو آهي،انور عليم خانزادي کي ڪجھ ڏينھن اڳ بورڊ ۽ يونيورسٽيز جي صوبائي وزير اسماعيل راھو پاران ڪرپشن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽ توڙي شاگردن کان ڳري رقم وٺي کين اضافي مارڪون ڏيڻ جو الزام ھو. ان ڏس ۾ تعليمي بورڊ پاران پڻ ھڪ پڌرائي جاري ڪري الزام ھنيو ويو ھو تھ 2021 کان وٺي 2025ع تائين اڍائي ھزار کان وڌيڪ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا, جن ڪڏھن اسڪولن ۾ پڙھيو ئي نھ ھو ۽ نھ ئي سندن اسڪولن ۾ داخلا ھئي. گرفتار ٿيل ڪنٽرولر انور عليم ۽ سندس ساٿين پاران ڪيل ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن ٽيم پاران ھلندڙ ھئي