تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۾ 2 ارب 4 ڪروڙ ڪرپشن جو ڪيس داخل، اڳوڻو ڪنٽرولر عدالت پيش

تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۾ 2 ارب 4 ڪروڙ ڪرپشن جو ڪيس داخل، اڳوڻو ڪنٽرولر عدالت پيش

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ميرپورخاص پاران تعليمي بورڊ ميرپورخاص اندر ٿيندڙ بي ضابطگين ۽ 2 ارب 4 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن اسڪينڊل بابت ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ تعليمي بورڊ جي اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم خانزادي کي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو، جتان کيس 7 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ميرپورخاص حوالي ڪيو ويو آھي.تعليمي بورڊ اندر ڪرپشن بابت ھلندڙ جاچ دوران نوان انڪشاف بھ سامھون آيا آھن. ذريعن موجب 2021 کان 2025 تائين مختلف ماڻھن جي نالي تي 2 ھزار 539 جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا، جن ۾ ميٽرڪ جا 1 ھزار 78 سرٽيفڪيٽ ۽ انٽر جا 14 سئو 16 سرٽيفڪيٽ شامل آھن. جاچ دوران اھو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ سڌو سنئون اھڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم خانزادي ۽ سندس ساٿين 1 ارب 26 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي. جاچ دوران اھو پڻ انڪشاف ٿيو آھي تھ 15 ھزار کان وڌيڪ شاگردن جي امتحاني نتيجن ۾ ھيراڦيري ڪئي وئي، ان ھيراڦيري ذريعي 77 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، اھڙي ريت مجموعي طور تعليمي بورڊ اندر ٿيل ڪرپشن جو ڪاٿو 2 ارب 4 ڪروڙ رپين کان وڌي ويو آھي