تعليم ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو بنيادي ذريعو آهي. ڪنهن به ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ سائنسي ترقي ان ڳالهه سان گَهِريءَ طرح لاڳاپيل هوندي آهي ته ان جا نوجوان ڪهڙي قسم جي تعليم ۽ مهارتن ڏانهن راغب ٿين ٿا. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ هاءِ اسڪول کان پوءِ شاگردن ۽ خاص طور شاگردياڻين جي تعليمي چونڊن جو جائزو وٺجي ته هڪ اهم رجحان سامهون اچي ٿو: وڏي انگ ۾ شاگرد پري ميڊيڪل کي پنهنجي مستقبل لاءِ پهرين ترجيح سمجهن ٿا.
ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهش يقينن هڪ عزت وارو ۽ اهم مقصد آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هر شاگرد جيڪو پري ميڊيڪل چونڊي ٿو، واقعي طب جي شعبي ۾ وڃڻ چاهي ٿو؟ يا هو صرف سماجي دٻاءَ، والدين جي اميدن، روايتي سوچ ۽ محدود ڪيريئر رهنمائيءَ سبب اهو شعبو چونڊي ٿو؟
اڄ جو دور بنيادي طور تي ڊجيٽل، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. مصنوعي ذهانت، ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، روبوٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ جديد انجنيئرنگ جا شعبا دنيا جي معاشي ۽ سماجي ڍانچي کي تيزيءَ سان تبديل ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي شاگردن کي به روايتي تعليمي چونڊن کان اڳتي وڌي نون ۽ مستقبل ساز شعبن ڏانهن متوجه ٿيڻ جي ضرورت آهي.
ان حوالي سان وري اها ڳالهه ورجائجي ٿي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن ۽ ننڍن شهرن ۾ پري ميڊيڪل کي اڃا تائين سڀ کان وڌيڪ باوقار ۽ محفوظ تعليمي شعبو تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪيترن ئي خاندانن ۾ والدين جي خواهش هوندي آهي ته سندن ٻار ڊاڪٽر بڻجي. خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ به ميڊيڪل جي شعبي کي هڪ مناسب ۽ محفوظ ڪيريئر طور ڏٺو وڃي ٿو. ان سوچ جا ڪيترائي سماجي ۽ ثقافتي سبب آهن. ڊاڪٽر جو پيشو عزت وارو آهي، ان ڪري ڪيترائي شاگرد پنهنجي ذاتي دلچسپي ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ خاندان ۽ سماج جي اميدن کي ترجيح ڏين ٿا. نتيجي طور، اهڙا شاگرد به پري ميڊيڪل چونڊين ٿا، جن جي اصل دلچسپي ڪمپيوٽر، رياضي، ٽيڪنالاجي يا انجنيئرنگ ۾ هوندي آهي. هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته پري ميڊيڪل جي اهميت گهٽائڻ مقصد ناهي. طب ۽ صحت جو شعبو هميشه اهم رهندو. پر هر شاگرد کي صرف ان ڪري ميڊيڪل ڏانهن نه وڃڻ گهرجي جو اهو سماج ۾ وڌيڪ عزت وارو شعبو سمجهيو وڃي ٿو. تعليمي چونڊ هميشه شاگرد جي دلچسپي، قابليت، ذهني لاڙو ۽ مستقبل جي موقعن کي نظر ۾ رکندي ٿيڻ گهرجي.
اسان کي خبر آهي ته ويهين صديءَ جي آخر تائين تعليم ۽ روزگار جا روايتي شعبا وڏي اهميت رکندا هئا، پر ايڪيهين صديءَ ۾ ٽيڪنالاجيءَ دنيا جي ڪم ڪرڻ جو انداز تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويٺل نوجوان به آن لائن تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو، عالمي ادارن لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي مهارت ذريعي دنيا جي ڪنهن به حصي سان ڳنڍجي سگهي ٿو. ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي هاڻي صرف هڪ مضمون يا نوڪريءَ جو شعبو نه رهيا آهن، بلڪه تقريبن هر شعبي جو بنيادي حصو بڻجي چڪا آهن. طب، زراعت، بينڪنگ، تعليم، صنعت، واپار، صحافت ۽ سرڪاري انتظام، مطلب هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو ڪردار وڌي رهيو آهي. ان ڪري اڄ جي دنيا ۾ هي شعبا تيزيءَ سان اهم ٿي رهيا آهن:
* ڪمپيوٽر سائنس
* سافٽ ويئر انجنيئرنگ
* مصنوعي ذهانت
* ڊيٽا سائنس
* سائبر سيڪيورٽي
* روبوٽڪس
* سول، اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ
* انفارميشن ٽيڪنالاجي • گرافڪ ڊيزائننگ ۽ ڊجيٽل ميڊيا
* اي ڪامرس ۽ ڊجيٽل ڪاروبار
انهن شعبن ۾ روزگار جا موقعا صرف مقامي سطح تائين محدود نه آهن. هڪ باصلاحيت نوجوان پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ رهندي به عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍجي سگهي ٿو.
هن سڄي لقاءَ ۾ هڪ سوال به پيدا ٿئي ٿو ته پري ڪمپيوٽر ۽ پري انجنيئرنگ ڏانهن توجهه ڇو ضروري آهي؟ ان جو جواب بلڪل سادو آهي، سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد رياضي ۽ فزڪس ۾ سٺي صلاحيت رکن ٿا، پر مناسب رهنمائي نه ملڻ سبب اهي پنهنجي صلاحيتن مطابق شعبا چونڊي نٿا سگهن. ڪيترائي شاگرد اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پري ميڊيڪل نه چونڊيو ته ڪاميابيءَ جا موقعا گهٽجي ويندا؛ جيڪا سوچ هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي. پري ڪمپيوٽر ۽ پري انجنيئرنگ شاگردن کي منطقي سوچ، مسئلا حل ڪرڻ، رياضي، فزڪس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪن ٿا. اهي مضمون مستقبل جي ڪيترن ئي اعليٰ تعليم وارن شعبن جو بنياد بڻجن ٿا.
خاص طور تي ڪمپيوٽر سائنس جو شعبو نوجوانن کي تخليقيت ۽ روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. هڪ شاگرد پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ، موبائل ايپليڪيشن، مصنوعي ذهانت يا ڊيٽا سائنس سکڻ کان پوءِ مقامي ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪري سگهي ٿو. انجنيئرنگ پڻ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. روڊن، عمارتن، توانائي، مشينري، بجلي، پاڻي ۽ جديد صنعتن جي ترقي انجنيئرن کان سواءِ ممڪن ناهي. تنهن ڪري سنڌ جي نوجوانن کي انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ڏانهن به وڌيڪ توجهه ڏيڻ گهرجي.
ان حوالي سان ڪجهه مشڪلاتون پڻ آهن، جيئن سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ شاگردياڻين جي تعليم بابت ڪيترائي سماجي ۽ جاگرافيائي مسئلا موجود آهن. ڪيترين ئي ڇوڪرين لاءِ روزانو ڊگهو سفر ڪرڻ يا پري شهرن ۾ وڃي نوڪري ڪرڻ آسان نه هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل مهارتون انهن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهن ٿيون. مثال طور: هڪ باصلاحيت شاگردياڻي گهر ويٺي فري لانسنگ ڪري سگهي ٿي؛ آن لائن تدريس ڪري سگهي ٿي؛ سافٽ ويئر ۽ ويب ڊولپمينٽ ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي؛ گرافڪ ڊيزائننگ ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ڪري سگهي ٿي؛ عالمي ادارن لاءِ ريموٽ ڪم ڪري سگهي ٿي؛ پنهنجو آن لائن ڪاروبار شروع ڪري سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڊجيٽل تعليم شاگردياڻين لاءِ معاشي خودمختياري ۽ پروفيشنل ترقيءَ جا نوان رستا کولي سگهي ٿي.
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ تعليمي چونڊن جو هڪ وڏو مسئلو ڪيريئر ڪائونسلنگ جي کوٽ پڻ آهي. ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪو باقاعده نظام موجود ناهي ته مختلف تعليمي شعبن ۾ مستقبل جا ڪهڙا موقعا موجود آهن. شاگرد گهڻو ڪري پنهنجي وڏن ڀائرن، مائٽن يا دوستن جي چونڊ جي بنياد تي پنهنجو شعبو چونڊين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن خاندان ۾ هڪ ڊاڪٽر هجي ته ايندڙ نسل جا ڪيترائي ٻار به ڊاڪٽر ٿيڻ چاهين ٿا. پر هر ٻار جون صلاحيتون ۽ دلچسپيون مختلف هونديون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي باقاعده ڪيريئر ڪائونسلنگ پروگرام شروع ڪيا وڃن. شاگردن کي مختلف شعبن جي باري ۾ عملي معلومات ڏني وڃي ۽ انهن جي دلچسپي ۽ صلاحيت مطابق رهنمائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ شاگردن جي تعليمي چونڊ ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن تي ڪنهن خاص شعبي جي چونڊ لاءِ غيرضروري دٻاءُ نه وجهن. ڊاڪٽر، انجنيئر يا آفيسر بڻجڻ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ٻار پنهنجي صلاحيت ۽ دلچسپيءَ مطابق بهترين ڪم ڪري. استادن کي پڻ روايتي سوچ کان ٻاهر نڪري شاگردن کي نئين دنيا جي ضرورتن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو شاگرد ڪمپيوٽر، رياضي، ڊزائن يا ٽيڪنالاجيءَ ۾ دلچسپي رکي ٿو ته ان کي پري ڪمپيوٽر يا پري انجنيئرنگ ڏانهن وڃڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي.
سماج جي ان اهم ڪم ۾ ادارن جي ذميواري پڻ وڌي وڃي ٿي، ڳوٺاڻن علائقن جي ڪاليجن کي پڻ پنهنجي تعليمي ترجيحن ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. صرف روايتي مضمون پڙهائڻ ڪافي ناهي. ڪاليجن ۾ ڪمپيوٽر ليبارٽريون، انٽرنيٽ سهولتون، پروگرامنگ جا بنيادي ڪورس، ڊجيٽل لٽريسي ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جا پروگرام شروع ٿيڻ گهرجن. شاگردن کي صرف امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر مستقبل جي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. جديد تعليم جو مقصد صرف ڊگري حاصل ڪرڻ نه، بلڪه مهارت، تخليقيت، تحقيق ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ آهي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پري ميڊيڪل جي روايتي مقبوليت کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته طب جو شعبو اڄ به اهم ۽ عزت وارو شعبو آهي. پر ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته شاگردن کي صرف روايتي رجحانن تائين محدود نه رکيو وڃي. اڄ جو دور ڊجيٽل انقلاب جو دور آهي. مستقبل انهن قومن جو هوندو جيڪي پنهنجي نوجوانن کي سائنس، ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ اڳتي آڻينديون. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون به ڪنهن به طرح صلاحيتن ۾ گهٽ ناهن؛ کين صرف مناسب رهنمائي، موقعا ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي تعليمي سوچ کي بدلائڻو پوندو. سوال اهو نه هجڻ گهرجي ته ”هر ٻار ڊاڪٽر ڇو نٿو بڻجي؟“، بلڪه سوال اهو هجڻ گهرجي ته ”هر ٻار پنهنجي صلاحيت ۽ دلچسپيءَ مطابق صحيح شعبو ڪيئن چونڊي سگهي ٿو؟“ جيڪڏهن سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي پري ڪمپيوٽر، پري انجنيئرنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ڏانهن منظم طريقي سان راغب ڪيو وڃي، ته اهي نه صرف پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهن ٿا، پر سنڌ جي معاشي، سائنسي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
ياد رکو! مستقبل انهن جو آهي، جيڪي مستقبل جي ضرورتن کي اڄ ئي سمجهن ٿا.