| تعليم متوازن سماج ۽ مضبوط رياست جي ضمانت آهي: مراد شاهه |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ورجايو آهي ته تعليم ئي متوازن سماج ۽ مضبوط رياست جي واحد ضمانت آهي. ڪالهه هتي بحريه آڊيٽوريم ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سنڌ چيپٽر جي 2025ع ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي ڪانووڪيشن رڳو ڊگرين جي ورهاست نه پر صبر، محنت ۽ اميد سان ڀرپور هڪ ڊگهي فڪري سفر جو جشن آهي. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي جي علامت آهي، جتي علم هڪ اهڙي روشني آهي، جيڪا عام ماڻهو تائين پهچي سماج جي تقدير بدلائي ٿي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي پهرين وزارتِ عظميٰ واري دور ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ مختصر مدتي ڪورس ۾ داخلا ورتي هئي. هن گريجوئيٽس کي واڌايون ڏيندي چيو ته سندن ڊگريون ”ڪاميابيءَ جون رسيدون“ آهن. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليم کي رڳو ذاتي فائدي جو ذريعو نه سمجهن پر سماجي انصاف، رواداري ۽ انساني وقار جي واڌاري جي ذميواري طور اختيار ڪن. هن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کي رڳو هڪ انتظامي معاملو نٿي سمجهي پر اسان ان کي قوم جي مستقبل جي ضمانت سمجهون ٿا. هن چيو ته ٻارن جي سوڀ پويان والدين جون خاموش قربانيون شامل هونديون آهن، جيڪي پنهنجي ضرورتن کي قربان ڪري ٻارن جا تعليمي خرچ پورا ڪندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت فاصلاتي تعليم ۽ تاحيات تعليمي موقعن کي وڌائڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان اپاءَ وٺي رھي آهي. هن گريجوئيٽس کي تلقين ڪئي ته هو ايمانداري، انسانيت ۽ قومي خدمت کي پنهنجي پيشورانه زندگيءَ جي سڃاڻپ بڻائين.