| تعليم وارو وزير پنهنجي ئي ضلعي جي اسڪول کي استاد ڏئي نه سگهيو، درسگاهه سال کان بند |
ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھه جي ضلعي ۾ تعليمي ايمرجنسي جون دعوائون ڌوڙ بڻيل آھن، تعلقي ڪنري جي ديھه کرڇيلو جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڌڙو مھاجر گذريل ھڪ سال کان بند پيل آھي، هڪ سال پھريان اسڪول ۾ مقرر استاد بدلي ڪرائي ويا، جنھن بعد اسڪول بند ٿي وئي، جڏھن ته تعليم کاتي جي نااهلي سبب اسڪول جي عمارت تباھه حال بڻيل آھي ۽ سهولتون اڻلڀ آھن، استاد نه اچڻ ۽ اسڪول بند هجڻ ڪري 60 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن ۽ تعليم تباھه ٿي رهي آھي، اسڪولي ٻارن پنھنجي والدين سان گڏ اسڪول گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ڳوٺاڻن اقبال رانگڙ، علي حسن، راڻا عمران، افتخار رانگڙ ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا ٻار هن اسڪول ۾ علم پرائڻ ايندا هئا، پر هڪ سال اڳ اسڪول ۾ مقرر ٻئي استاد هتان بدلي ڪرائي ٻي هنڌ ويا هلي ويا، جنھن بعد اسڪول بند ٿي ويو، هنن چيو ته اسڪول جي تعمير ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو به تعميراتي ڪم ناهي ٿيو، عمارت مڪمل طور تباھه ٿي وئي آھي، اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي، واشروم، فرنيچر، سميت ٻي ڪابه سهولت ميسر ناهي، اسان جا ٻار روزانو استاد اچڻ ۽ علم پرائڻ جي آس کڻي اسڪول وڃن ۽ سمورو ڏينھن استاد جي اچڻ جو ڪرڻ بعد موڪل وقت بنا تعليم جي واپس موٽي اچن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي سموري صورتحال بابت اسان ڊي اي او، ٽي اي او سميت اعليٰ اختيارين آڏو ڪيترائي ڀيرا دانھيو ۽ شڪايتون ڪيون آھن پر ڪوبه ازالو ناهي ٿي سگهيو، جنھن سبب اسان جي گلن جھڙن معصوم ٻارن جي تعليم تباھه ٿي رهي آھي، هنن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ، تڪ جي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرائي بنيادي سهولتون فراھم ڪيون وڃن ته جئين سندن ٻارن جو مستقبل تباھه ٿيڻ کان بچي سگهي.