تعليم ڏانهن سنڌ سرڪار جي “سنجيدگي”

سنڌ جي تعليمي ڍانچي بابت تازو سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس جا تفصيل نه رڳو فڪر جوڳا آهن، پر سخت سوال اٿارڻ تي مجبور ڪن ٿا۔ 2022 جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ جڏهن 19,500 کان وڌيڪ اسڪول متاثر ٿيا، تڏهن اها اميد ڪئي وئي هئي ته حڪومت هنگامي بنيادن تي تعليم جي بحالي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائيندي۔ پر هاڻ جيڪي انگ اکر سامهون اچي رهيا آهن، سي مايوسيءَ کان گهٽ ناهن۔چئن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ صرف پنج هزار اسڪولن جي مرمت ۽ ٻيهر تعمير جو ڪم جاري هجڻ يا مڪمل ٿيڻ، ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته تعليمي شعبي کي حقيقت ۾ اها اهميت نه ڏني وئي آهي، جنهن جا دعوائون ڪيا وڃن ٿا۔ جيڪڏهن 19,500 اسڪولن مان صرف 5,000 تي ڪم ٿيو آهي، ته پوءِ باقي 14 هزار کان وڌيڪ اسڪول اڄ به غير فعال آهن۔ اهو انگ صرف هڪ شمارياتي حقيقت ناهي، پر هزارين ٻارن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهي۔ 14 لک شاگردن لاءِ تعليمي سهولتن جي بحالي جو ذڪر يقيناً هڪ مثبت پهلو آهي، پر سوال اهو آهي ته باقي لکين ٻار ڪٿي وڃن؟ ڇا انهن جو ڪو حق ناهي؟ ڇا انهن جي تعليم حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي؟ جيڪڏهن “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” جو نعرو واقعي سنجيدگي سان کنيو ويو آهي، ته پوءِ زميني حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ ڇو نظر اچن ٿيون؟

تعليم ڪنهن به سماج جي بنيادي ضرورت آهي، ۽ خاص طور تي هڪ اهڙي صوبي لاءِ، جيڪو اڳ ئي غربت، بيروزگاري ۽ سماجي اڻبرابري جهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل هجي، اتي تعليم کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ معاف لائق ناهي۔ ٻوڏ هڪ قدرتي آفت هئي، پر ان کان پوءِ جي سستي، نااهلي ۽ غير سنجيدگي مڪمل طور تي انساني ناڪامي آهي۔حڪومت جو اهو چوڻ ته صوبائي، وفاقي ۽ ڊونرز گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، هڪ حد تائين درست ٿي سگهي ٿو، پر سوال اهو آهي ته هن گڏيل ڪوشش جو نتيجو ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن چئن سالن ۾ صرف پنج هزار اسڪولن تائين محدود اڳڀرائي ٿي آهي، ته پوءِ باقي ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترا سال لڳندا؟ ڇا سنڌ جا ٻار ان وقت تائين انتظار ڪندا رهندا؟ انهيءَ سڄي صورتحال ۾ شفافيت جي به کوٽ نظر اچي ٿي۔ ڪهڙن علائقن ۾ اسڪولن جي مرمت ٿي رهي آهي؟ ڪهڙا اسڪول مڪمل ٿي چڪا آهن؟ ڪهڙا اڃا تائين رٿابندي جي مرحلي ۾ آهن؟ عوام کي ان بابت واضح ۽ تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪا نظر نٿي اچي۔

تعليمي شعبي ۾ اهڙي سستي صرف انتظامي مسئلو ناهي، پر اخلاقي ناڪامي پڻ آهي۔ هر اهو ڏينهن، جنهن ۾ هڪ ٻار اسڪول کان محروم رهي ٿو، اهو سندس مستقبل مان هڪ ڏينهن گهٽجڻ برابر آهي۔ جڏهن هزارين اسڪول بند پيل هجن، ته پوءِ نسلن جي قسمت داءَ تي لڳل هوندي آهي۔هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت پنهنجي ترجيحن جو ازسرنو جائزو وٺي۔ وڏن وڏن اعلانن ۽ نعرن بدران عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اسڪولن جي بحالي لاءِ واضح ٽائيم لائن مقرر ڪئي وڃي، فنڊن جي شفاف استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ هر ضلعي ۾ اڳڀرائي جي نگراني لاءِ موثر نظام قائم ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت واقعي چاهي ٿي ته سنڌ ترقي ڪري، ته پوءِ تعليم کي سياست کان مٿانهون رکي، ان کي هڪ ايمرجنسي طور ورتو وڃي۔ ٻي صورت ۾ “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” رڳو هڪ خالي نعرو رهجي ويندو، ۽ سنڌ جا ٻار پنهنجي بنيادي حق کان محروم رهندا۔ هي رڳو هڪ پاليسي جو سوال ناهي، پر پوري نسل جي بقا ۽ ترقي جو معاملو آهي۔ جيڪڏهن اڄ به سنجيدگي نه ڏيکاري وئي، ته تاريخ هن نااهلي کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي۔