تعليم کاتو علم ورهائڻ بدران وڪڻڻ لڳو: گهوٽڪي ۾ ڪتاب ڪٻاڙي کي وڪرو

جُولاءِ 3, 2023

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) تعليم کاتي گهوٽڪي جو ڪارنامو، سرڪاري ڪتاب شاگردن کي ڏيڻ بدران ڪٻاڙي کي وڪرو ڪيا ويا

ميرپور ماٿيلو ڀرسان محمد پور روڊ وٽ ڪٻاڙي جي دڪان تي پهرين کان اٺين درجي جا 8 مڻ ڪتاب وڪرو ڪيا ويا

ذريعن موجب تعليم کاتي جي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ڪتاب وڪرو ڪيا ويا، ضلعي جي ٻين ڪٻاڙين وٽ به وڌيڪ ڪتاب وڪرو ٿيا آهن

ڪٻاڙي خان ڪولاچي جو چوڻ آهي ته عيد کان ھڪ ڏينھن اڳ تعليم کاتي وارن کان سرڪاري ڪتاب ورتا جيڪي وڪرو ڪري ڇڏيا آھن

ٽي اي او پرائمري شڪور سومرو پھچي ڪٻاڙي کي گرفتار ڪرائي ورتو، ٽي اي او چيو ته ڪٻاڙي ۽ تعليم کاتي جي ملازمن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو

جڏهن ته سرڪاري ڪتاب خريد ڪندڙ ڪٻاڙي نشاندھي لاءِ پوليس کي وٺي ڊي اي او آفيس پھتو، پر  ڪلارڪ فرار ٿي ويا

ڊي اي او پرائمري زرينا چنا ڪتاب چوري معاملي جو نوٽيس وٺندي انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي، ڪاميٽي 3 ڏينھن ۾ رپورٽ ڏيندي

Leave A Comment