جيڪب آباد(رپورٽر)سيڪريٽري تعليم جو ڪارنامو، جيڪب آباد ۾ جعلي طريقي سان ميرٽ لسٽ ۾ شامل ٿيندڙ 16 استادن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ گهربل مارڪون کڻي ميرٽ لسٽ ۾ جڳهه نه ٺاهڻ باوجود ڪوڙي ڊي آر سي ٺاهي 16 پرائمري اسڪول ٽيچر ڀرتي ڪيا ويا هئا
ڊي آر سي جي ميمبر سي ايم او عبدالستار ڀيو پاران 26 آڪٽوبر 2022 تي سيڪريٽري کي خط لکي ڪوڙي صحيح ذريعي ڀرتي ڪرڻ جي نشاندهي ڪرائي هئي
سيڪريٽري تعليم پاران سي ايم او جي خط بعد ڄاڻايل ڊي آر سي رد ڪئي وئي هئي هاڻ وري ٻيهر انهن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
ذريعن موجب سيڪريٽري پاران جن استادن جون پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو انهن مان ڪيترائي غيرقانوني طور سافٽ ايريا مان هارڊ ايريا ۾ شامل ڪرايا ويا آهن
13 جولائي 2023 جي ڊيٽابيس تي ڊسمبر 2022 ۾ سسپنڊ ٿيل ڊي اِي او پرائمري جيڪب آباد ۽ سيڪنڊري جون صحيحون ٿيل آهن
ڊي ايس سي جي چيئرمين مشتاق احمد سڌايو 6 جولائي 2023 تي سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو ته ڄاڻايل استادن جو ضلعي ۾ رڪارڊ موجود ناھي
سيڪريٽري پاران 13 جولائي 2023 تي ساڳئي رد ڪيل ڊي آر سي کي بحال ڪري پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو
ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري جيڪب آباد پريل شيخ چيو آهي ته سيڪريٽري پاران 16 استادن جون پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ آفيشلي گروپ ۾ ڊيٽابيس رکيو ويو آهي پر اڃان تائين پگهارون ناهن ٿيون
هوڏانهن ايڊمن ايڇ آر ڪشور ڪمار چيو ته ڊي آر سي تي سيڪريٽري تعليم جي صحيح ٿيل آهي اوھان ان بابت ان کان ئي پڇي سگهو ٿا