تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي 28 مهينن جون پگهارون ڏيڻ جو حڪم

تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي 28 مهينن جون پگهارون ڏيڻ جو حڪم

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي 28 مھينن جون پگھارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت حڪم ڏنو ته گريڊ ھڪ کان چار تائين پابندي ختم ٿي چڪي آھي ـ جيڪي ملازمن نوڪري ڪن ٿا انھن کي پگھارون ڏنيون وڃن عدالت طرفان ٻن ھفتن اندر عمل مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران 20 کان وڌيڪ درخواست گذار پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته اسان گذريل 28 مھينن کان نوڪريون ڪري رھيا آھيون پر پگھار نٿي ڏني وڃي احتجاج به ڪيا ـ اعلي عملدارن کي لکت ۾ شڪايت ڪئي پر ڪو به قدم نه کنيو ويو عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ملازمن کي پگھار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ٻن ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي