تعليم کاتي جي گريڊ 4 جي397 ملازمن جون ڪلارڪ طور ترقيون بحال: نوٽيفڪيشن معطل

جنوري 29, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي جي هڪ کان 4 گريڊ جي لوئر گريڊ جي 397 ملازمن جون 11 گريڊ ۾ ڪلارڪ طور ترقيون رد ڪرڻ  وارو سنڌ حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري چيف سيڪريٽري، تعليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين کان جواب گهري ورتو

 ٻڌڻي دوران درخواست گذار محمد حفيظ، محمد دانش ۽ ٻين ملازمن جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد موقف اختيار ڪيو ته تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جون 22 سالن بعد ترقيون ٿيون آهن

هن چيو ته ترقين جو اهو مرحلو 2017 کان هلندڙ هو، لوئر اسٽاف جي ترقين لاءِ ڊائريڪٽر اسڪول سيڪنڊري ڪراچي ۽ تعليم کاتي واري سيڪريٽري اسڪروٽني ڪاميٽي به جوڙي هئي  جنهن  ميرٽ جي بنياد تي ترقيون ڪيون

سندس چوڻ هو ته لوئر گريڊ جي ملازمن کي ميرٽ تي ترقيون ملڻ کانپوءِ پوسٽنگ ڏيڻ بجاءِ سندن ترقيون رد ڪيون ويون آهن

 عدالت درخواست تي اسٽي جاري ڪندي جواب طلبي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 19 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

Leave A Comment