| تعليم کاتي خيرپور جو ڪارنامو: رٽائرڊ ۽ فوتي استاد سينارٽي لسٽ ۾ شامل |
خيرپور (رپورٽر) تعليم کاتي خيرپور جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو منظر عام تي اچي ويو، پرائمري اسڪول ٽيچر جي سينارٽي لسٽ ۾ چئن سالن دوران رٽائرڊ، پروموشن ماڻيندڙ توڙي فوت ٿي ويل استادن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري خيرپور طرفان جاري ڪيل پي ايس ٽي جي سينارٽي لسٽ ۾ اٽڪل 300 کان وڌيڪ استادن کي سينارٽي لسٽ مان خارج نه ڪيو ويو آھي، جيڪي اڳ ئي رٽائرڊ، فوت ٿي ويل يا پروموشن ماڻي چڪا آھن. ياد رهي ته گڌريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري خيرپور توڙي ڊائريڪٽر پرائمري سکر کي چوڪيدارن کي ڊي ڊي او پاور ڏيڻ تان صوبائي وزير جي حڪم تي ايڪسپيلنشن ڪال ڏيندي وضاحت طلب ڪئي وئي ھئي. اھو معاملو ھلي رھيو ھيو ته وري رٽائرڊ فوتي ۽ پروموشن ماڻيندڙ استادن کي سينارٽي ۾ شامل ڪيو ويو آھي.