| تعليم کاتي دادو ۾ ميگا اسڪينڊل: ڪامياب 100 اميدوارن بدران ٻين کي نوڪري، 2 آرڊر رد |
دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) تعليم کاتي دادو ۾ سال 2021ع جي آءِ بي اي ٽيسٽ فيز-6 تحت ٿيل ڀرتين ۾ مبينا بي ضابطگين جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو. پنهنجي اخبار کي حاصل ٿيل اهم دستاويزن موجب 100 ڪامياب اميدوارن جي ڀرتي بدران 102 اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، دستاويزن موجب ٻن اميدوارن جا نالا ضلعي ڀرتي ڪميٽي جي اجلاس جي منٽن ۾ شامل نه هئا، تنهن هوندي به انهن کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا. ضلعي ڀرتي ڪميٽي جي رڪارڊ ۾ نالا شامل نه هجڻ باوجود ٻن اميدوارن جي ڀرتي ٿيڻ واري معاملي تي سنگين سوال اٿيا آهن ذريعن موجب سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جي مبينا جعلي صحيحن ذريعي ٻن اميدوارن جا نالا شامل ڪري کين آفر ليٽر جاري ڪيا ويا. معاملي جو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن اعتراض واريندي معاملو اعليٰ اختيارين تائين پهچايو اعتراضن ۽ شڪايتن کان پوءِ ٻن اميدوارن جا آفر ليٽر رد ڪيا ويا. پرائمري استاد شوڪت علي ۽ شمس الدين گوپانگ نالي اميدوارن جا آفر ليٽر منسوخ ڪيا ويا، جنهن بابت ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري حيدرآباد پاران باقاعده خط پڻ جاري ڪيو ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي پاران سال 2025ع ۾ جعلي ڀرتين واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي، جڏهن ته 2021ع جي آءِ بي اي ٽيسٽ فيز-6 تحت ٿيل ڀرتين ۾ مبينا بي ضابطگين بابت وڌيڪ جاچ جو عمل پڻ جاري آهي تعليم کاتي ۾ ڀرتين جي عمل دوران مبينا جعلي دستخطن، رڪارڊ کانسواءِ آفر ليٽر جاري ڪرڻ ۽ ضلعي ڀرتي ڪميٽي جي منظور ٿيل فهرست کان وڌيڪ اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
| حقدارن سان مذاق، تعليمي عملدارن هڪٻئي مٿان ملبو ڪيرايو |
دادو: اسڪينڊل بابت موقف وٺڻ تي ڊي اي او پرائمري محمد انور اوڍاڻو پاران سمورو معاملو ڊي اي او سيڪنڊري خديجه پنهور جي مٿان مڙهيو جڏهن ته ڊي اي او سيڪينڊري خديجه ممتاز پنهور سموري معاملي کان لا تعلقي ظاهر ڪندي موجوده صورتحال تي موقف اختيار ڪيو ته هي سندن جي مقرري کان اڳ وارو معاملو آهي ۽ هاڻ هن بابت ڊائريڪٽر ايجوڪيشسن وٽ رپورٽ ويل آهي وڌيڪ هو ئي آگاهي ڏئي سگهن ٿا
مسلسل ڪارروايون ۽ حاضريون، نوجوان مايوس، نوڪري مان دلچسپي ختم
دادو: مسلسل ڪارروائين ۽ هلندڙ معاملن جي حاضرين کان مايوس ٿي هڪ نوجوان شمس گوپانگ جنهن سان رابطو ٿيو ان چيو اسان نوڪري مان ئي دلچسپي ختم ڪئي، جڏهن ته ٻين اميدوارن سان رابطو نه ٿي سگهيو
خالي جايون هجڻ باوجود ظاهر نه ڪيون ويون، حقن جي لتاڙ ڪئي وئي: اميدوار
دادو: آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج رهندڙ استاد اميدوارن اسلم ڀنڊ، سجاد لنڊ، اياز شيخ، انيس ميمڻ ۽ ٻين چيو ته حقدارن کي حق نه ملڻ ۽ ڄاڻي واڻي ويڪينٽ پوزيشنون ظاهر نه ڪري اسان جي حق جي لتاڙ ڪئي وئي آهي انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انهن آفيسرن جن آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي حقن ۾ بيظابطگيون ڪيون آهن انهن خلاف سخت ڪاروايون ڪيون وڃن انهن دانهيون ته آخري فيز ۾ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ خالي جايون موجود هجڻ باوجود ظاهر نه ڪري اسان جو ڏنل مدو ختم ڪرايو ويو جنهن سبب احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون.
“استاد ڪمپيوٽر آپريٽر” جي ڊي اي او سان ملي آفر آرڊر ڏيڻ جو انڪشاف
دادو: ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو ته ان وقت جي ڊي اي او پرائمري لياقت نائچ هڪ استاد جيڪو ڊي اي او پرائمري ۾ غير قانوني طور ڪمپيوٽر آپريٽر ٿي ويٺل محمد علي سومرو مبينا رشوت عيوض ڊي اي او سان ملي ڪري آفر ليٽر جاري ڪيا، جنهن بعد بعد ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي سخت پڇاڻي تي ڊي اي او پرائمري لياقت نائچ پنهجي ڪيل صحيحن کي ڪوڙو قرار ڏنو، جتي هڪ انڪوائري ۾ هڪ اميدوار شمس الدين گوپانگ سندن مٿان ثبوتن سميت شاهدي ڏني ته آفر آرڊر اوهان ۽ اوهان جي مقرر ڪمپيوٽر آپريٽر محمد علي سومرو جي سامهون جاري ڪيو