| تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن جي هندو شاگردن لاءِ مذهبي درسي ڪتاب شايع ڪرڻ جو فيصلو |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ هندو شاگردن لاءِ مذهبي درسي ڪتاب شايع ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ تعليم کاتي پاران سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ کي خط لکي تعليمي سال 2026-27 کان ٽئين کان پنجين ڪلاس تائين جي هندو شاگردن لاءِ مذهبي ڪتابن جي ڇپائي ۽ ورڇ جون هدايتون جاري ڪيون آهن۔ ان سلسلي ۾ هندو سنٿا سميت لاڳاپيل نمائندگي ڪندڙ ادارن ۽ ماهرن سان صلاح مشوري بعد نصابي مواد جي تياري ۽ ڇپائي جي اجازت ڏني وئي آهي، ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاھه چيو آهي ته مختلف مذهبي برادرين سان تعلق رکندڙ ٻارن کي رواداري جي اصولن تحت سندن مذهبي حق فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اقليتن جي حقن جي تحفظ واري عزم جو اظهار آهي۔ هن چيو ته اسان اهو قدم کنيو آهي جيڪو ملڪ جي قيام جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي کڻڻ گهرجي ها، سردار شاھ چيو ته ماضي ۾ اقليتي مذهبن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي سندن مذهب جي تعليم ڏيڻ بدران اخلاقيات جو مضمون پڙهايو ويندو هو پر هاڻي حڪومت هندو شاگردن کي سندن مذهب جي تعليم فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان ڪنهن به مذهبي برادري کي ان جي بنيادي حق کان محروم نٿا رکي سگهون۔ هندو شاگردن کي اخلاقيات بدران پنهنجي مذهب جي تعليم ڏيڻ جو حق ڏئي اسان اخلاقي ذميواري پوري ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي تعليم کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٽئين کان پنجين ڪلاس ۾ هڪ لک 29 هزار 119 هندو شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سڀ کان وڌيڪ هندو شاگرد ٿرپارڪر ضلعي ۾ 26642 ۽ ٻئي نمبر تي عمرڪوٽ ضلعي ۾ 21584 شاگرد آهن واضح رهي ته تعليم کاتو بهائي، هندو مت ۽ زرتشتي مذهب بابت نصابي ڪتابن جي تياري لاءِ منظوري ڏئي چڪو آهي.