| تعليم کاتي پاران ملازمن جي رهتن لاءِ جاچ ڪميٽي قائم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي پاران ملازمن جي پگھارن، الائونسز يا انڪريمينٽ جي رهتن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم: ڊي جي (ايڇ آر) سربراهه مقرر، ڪاميٽي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري، سيڪشن آفيسر ۽ ناڻي کاتي جو 18هين گريڊ جو نمائندو به ميمبر طور شامل ڪيا ويا آهن. ڪاميٽي ملازمن جي داخل دعوائن ۽ بِلن جي پڙتال ڪندي، ڪاميٽي کي پگهار، الائونسز يا انڪريمنٽس جي بقايائن بابت دعوائن کي منظور يا رد ڪرڻ جي سفارش جا اختيار ڏنا ويا آهن