تعليم کاتي پاران وڌيڪ پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتي جون تياريون: خالي جاين جا تفصيل طلب

جنوري 4, 2024

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي پاران وڌيڪ پرائمري ۽ جونيئر ايليمينٽري استاد ڀرتي ڪرڻ جون تياريون، سمورن ڊائريڪٽرن کان  پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي خالي پيل جاين جا انگ اکر طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ تعليم کاتي پي ايس ٽيز  ۽ جي اي ايس ٽيز جي ڀرتين واري معاملي کي عدالتي حڪمن کانپوءِ اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻيهر تياري شروع ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ کاتي جي ايڇ آر شعبي پاران سمورن ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اِي اوز کي خط لکي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته پرائمري ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪولن ۾ استادن جي خالي پيل جاين جا تازا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڊي اي اوز کي پابند بڻايو ويو آهي ته ٽن ڏينهن اندر تفصيل فراهم ڪيا وڃن، تفصيل نه ڏيندڙ ڊي اِي اوز کي ڪاروائي جو به چتاءُ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين ڀرتين تي پابندي کان اڳ مجموعي طور تي 58 هزار استادن جي ڀرتي وارو عمل مڪمل ڪيو ويو هو، 18 هزار کان وڌيڪ جي اي ايس ٽيز ۽ 39 هزار کان وڌيڪ پي ايس ٽيز ڀرتي ڪيا ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته عدالتي پابندي هٽجڻ بعد استادن جي ٻيهر ڀرتين وارو عمل شروع ڪيو ويندو، اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي ڀرتين وارو سلسلو 2025ع تائين جاري رهندو.

Leave A Comment