| تعليم کاتي ۾ اِي ٽرانسفر ذريعي بدلين لاءِ 2059 درخواستون منظور |
ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ اِي ٽرانسفر ذريعي بدلين مقررين لاءِ اميدوارن جون 2 هزار 59 درخواستون منظور، جنرل ڪيٽيگيري ۾ هڪ هزار 625 ۽ گڏيل رضامندي جي بنياد تي به 434 درخواستون منظور ٿيڻ بعد اِي ٽرانسفر ذريعي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري، اِي ٽرانسفر ذريعي مقررين سبب 41 بند پيل اسڪول به کُلي ويا. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين پاران متعارف ڪرايل اِي ٽرانسفر ذريعي بدلين ۽ مقررين بابت اميدوارن پاران آن لائين ڏنل درخواستن مان 2 هزار 59 درخواستون منظور ڪندي پهريون ڀيرو وڏي پئماني تي اميدوارن جي خواهش تحت سندن بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. اِي ٽرانسفر تحت سمورن ضلعن مان مجموعي طور تي هڪ هزار 163 مرد ۽ 896 عورت استادن جون سندن سهولت وارن اسڪولن ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ڄاڻايل بدلين ۽ مقررين مان 644 بدليون ۽ مقرريون ايس ٽي آر (اسٽوڊنٽ ٽيچر ريشو) جي بنياد تي ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اي ٽرانسفر تحت بند پيل 41 اسڪول فعال ٿي ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته سنگل ٽيچرس واري اسڪولن مان آيل درخواستن کي پينڊنگ رکيو ويو آهي. سنگل اسڪول وارن ٽيچرس ۾ متبادل استاد جي مقرري بعد سندن بدلي واريون درخواستون منظور ڪيون وينديون.