سکر (رپورٽر) تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن سکر جي ٽيم ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي جوابدار عزير احمد صديقي کي گرفتار ڪري ورتو
اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر منور علي نائچ جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪئي وئي، ذريعن موجب تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ عدالت جوابدار عزير عرف عزيز احمد صديقي جا گرفتار وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا
تعليم کاتي سکر ۾ راڻو ڀٽي ۽ ٻين مٿان جعلي ڀرتين وارو ڪيس هلندڙ آهي، جوابدار عزير صديقي ڪلارڪ جي نوڪري جعلسازي سان ورتي هئي
ذريعن موجب جوابدار ڪراچي ۾ نالو عزير مان عزيز احمد تبديل ڪري بورڊ ڪراچي ۾ ملازمت ورتي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کي اينٽي ڪرپشن پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار عزير عرف عزيز احمد کي جيل اماڻي ڇڏيو