ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ حڪومت پرڳڻي جي 4 تفريحي ماڳن ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ ۽ هاڪس بي جي ريزارٽن ۽ رني ڪوٽ جي گيسٽ هائوس کي خانگائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير پي پي پي يونٽ کان ڄاڻايل ماڳن جي سار سنڀال ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ گهربل قدمن بابت تجويزون پڻ گھري ورتيون
وڏي وزير جي صدارت ھيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن مبين جماڻي، ايشور لال ۽ ارشد ولي محمد، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو، سينيئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو زاهد عباسي، اين اي ڊي جي وي سي ڊاڪٽر سروش لوڌي، آصف بروهي، سنڌ اڪنامڪ زون جي سي اي او عظيم عقيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي
پي پي پي يونٽ جي چيف اسد ضامن فريم ورڪ بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي قانوني، ادارتي ۽ ريگيوليٽري سيٽ اپ بابت تجويزون پيش ڪيون
اجلاس ۾ پي پي پي موڊ ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ ۽هاڪس بي ريزارٽ ۽ رني ڪوٽ گيسٽ هائوس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، انهي رٿا تي عمل سان 4 ماڳن تي سهولتن کي اپ گريڊ ڪري سڌاراآندا ويندا، جنهن سان سنڌ ۾ سياحت کي ھٿي ملندي ۽ ملڪي معيشت ۾ پڻ سڌارو ايندو
بورڊ کي آگاهه ڪيو ويو ته هن منصوبي ۾ پرائيويٽ پارٽنرن کي آڻڻ سان نه رڳو موجوده انفراسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ/بحالي ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر انهن جي سار سنڀال جا مسئلا به حل ٿيندا
اجلاس ۾ تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ لاءِ ڪنسلٽنٽ (صلاحڪارن) جي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي