اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي محتاط ٿي هلڻو پوندو ڪٿي ادارن وچ ۾ قائم توازن خراب نه ٿئي
هن چيو ته جيڪڏهن تقرير ڪرڻ تي جج کي هٽايو وڃي ته پوءِ ته اڌ عدليه گهر هلي ويندي، مسئلو تقرير جو نه پر تقرير جي متن جو آهي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اپيل تي ٻڌڻي هلائي، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد طرفان خواجا حارث ۽ اڳوڻي جج شوڪت صديقي طرفان حامد خان وڪيل طور پيش ٿيا
ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس چيو ته توهان شوڪت صديقي جي لڳايل الزامن کي تسليم ڪريو ٿا يا رد ڪريو ٿا؟ خواجا حارث چيو ته اسان سمورا الزام رد ڪريون ٿا
حامد خان دليل ڏيندي چيو ته فيض حميد الزامن جي ترديد ڪري رهيو آهي، اسان جو به اهو ئي ڪيس آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل کي پهرين انڪوائري ڪرائڻ گهرجي ها، ان ۾ اسان کي فيض حميد کان آڏي پڇا ڪرڻ جو موقعو ملي ها
انڪوائري بابت چيف جسٽس جي پڇڻ تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته شوڪت عزيز صديقي پنهنجي تقرير تسليم ڪئي هئي ته ان ڪري انڪوائري نه ڪرائي وئي
چيف جسٽس شوڪت صديقي جي وڪيل حامد خان کي چيو ته مسئلي سان گڏ ان جو حل به ٻڌايو، ڪير سچو آهي ڪير نه آهي ان جو پتو لڳائڻ لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي
حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي، اڳوڻي جج شوڪت صديقي جي تقرير جي انڪوائري لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي