تلاشي ته ڏيڻي پوندئي: سردار چانڊيو خلاف درخواست داخل

جُون 3, 2023

دادو (رپورٽر) جهڙتي نه ڏيڻ ۽ اهلڪار کي ڌڪا ڏيڻ تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سردار چانڊيو خلاف سيڪيورٽي انچارج عدالت ۾درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جي سيڪيورٽي انچارج محمد صديق سمجيو پ پ ايم اي خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار حاضريءَ وقت اهلڪارن کي ڌڪا ڏين ٿا، اهڙي صورتحال ۾سيڪيورٽي ذميواريون ڪيئن ادا ڪيون؟

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سردار چانڊيو وارا سيڪيورٽي انتظامن تحت تلاشي نٿا ڏين اڄ تلاشي لاءِ روڪڻ تي سردار چانڊيو اهلڪار کي ڌڪو ڏئي هليو ويو

درخواست ۾ جوابدار ايم پي ايز کي جهڙتي ڏيڻ جو پابند بڻائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

عدالت چيو ته جوابدارن کي سيڪيورٽي عملي سان سهڪار جو پابند بڻائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪنداسين

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر