پاڪستان دنيا جو اھو مشھور ملڪ آھي، جيڪو ھر وقت نازڪ موڙ تان گذرندو رھيو آھي. ممڪن آھي ته ڪڏھن اھي ڪوڪون ڪوڙيون ھجن، ممڪن آھي ته ڪڏھن انھن ۾ ٿوري سچائي به ھجي. پر ھن ڀيري اھڙي اطلاع تي ڪڏھن به اعتبار نه ڪرڻ وارن کي به محسوس ٿي رھيو آھي ته ملڪ واقعي به ان موڙ تان گذري رھيو آھي، جنھن کي “نازڪ” قرار ڏنو ويندو آھي.
انڊيا جي تخليقي فلم نويس ۽ مشھور رومانٽڪ شاعر گلزار خالصتان جي موضوع تي لکيل پنھنجي فلم “ماچس” ۾ ھڪ ڪردار واتان چورائي ٿو ته، “توکي ڪڏھن محسوس ٿيو ته ويڇا وڌي رھيا آھن؟” ان سوال جي جواب ۾ فلم جو ٻيو ڪردار وراڻي ٿو ته، “ان وقت جڏھن منھنجن دوستن سکن تي ٺھيل لطيفن تي کلڻ ڇڏي ڏنو ھو”. ھن وقت ھن ملڪ جا ماڻھو سوشل ميڊيا تي شايع ٿيل لطيفن تي ائين نه ٿا کلن، جيئن اڳ ۾ کلندا ھئا. يوناني مفڪر چوندا ھئا ته، “جڏھن مزاح (Humor) المئي (Tragedy) سان ملي ويندو آھي ته ھڪ اک روئندي ۽ ٻي اک کلندي آھي”. پاڪستان جو عوام ان ٻي اک جي تلاش ۾ آھي، جيڪا ھن صورتحال ۾ کلي سگھي، جنھن صورتحال ۾ پتو نه ٿو پوي ته، “ڪھان ڪا سفر ھي؟ ڪھان جا رھي ھين”. ان وقت ڪيفيت تمام گھڻي سنگين ٿي وڃي ٿي، جڏھن مسافرن کي ته ڇا پر ڊرائيور کي به معلوم نه ھجي ته ھو ڪھڙي طرف وڌي رھيو آھي؟ جڏھن ھن کي اھو پتو به نه پوي ته ھن جي گاڏيءَ ۾ ڪيترو پيٽرول پيل آھي؟
ملڪ جو نگران وزير اعظم پنھنجو پاليسي بيان تڪڙو تبديل نه ڪري ھا ته ٻيو ڇا ڪري ھا؟ جنھن جي ھٿن ۾ ملڪ جون حالتون بدلائڻ جي سگھ نه آھي ته ڇا ھو پنھنجو بيان به نه بدلائي؟ معاشي طور تي ملڪ جون حالتون اھڙيون ھرگز ناھن، جو وزير اعظم جي اي سي بند ڪرڻ سان بھتر ٿي وڃن. گذري ويا اھي ڏينھن، جڏھن ڪي نگران ملڪ ۽ عوام کي سادگيءَ جو سبق سيکارڻ جي لاءِ پرائيم منسٽر ھائوس کان پرائيم منسٽر آفيس تائين مرسڊيز بينز بدران سائيڪل تي سفر ڪندا ھئا. ھاڻي جيڪڏھن ڪو وزير اھڙي حرڪت ڪندو ته پنھنجو پاڻ تي خلق کلائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به حاصل ڪري نه سگھندو، ڇو ته ڪنھن ھڪ فرد يا ھڪ اداري جي پاران سادگي اختيار ڪرڻ سان ملڪ معاشي بحران مان نڪري نه ٿو سگھي، جيڪڏھن اھو ادارو دفاع جي حوالي سان ايتري دھشت وارو نه ھجي جو ان جو نالو به لکي نه سگھجي. سادگي سٺي شيءَ آھي پر جنھن سادگيءَ جي مھانگي نمائش ڪئي وڃي، ان سادگيءَ کي سياست توڙي رياست افورڊ ڪري نه ٿي سگھي. اھوئي سبب آھي ته مھاتما گانڌيءَ مٿان ھڪ ڪانگريسي اڳواڻ دلچسب تبصرو ڪندي چيو ھو ته، “باپوءَ جي سادگي جي پارٽيءَ کي تمام گھڻي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ھئي”.
ھن وقت اسان جو ملڪ جن حالتن جي حوالي آھي، ان ۾ اسان جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي سخت تنقيد ته ڇا پر ماتم ڪرڻ جو به مڪمل حق حاصل آھي. جڏھن آزادي ڪنٽرول ڪئي ويندي آھي، تڏھن آزادي ختم ٿي ويندي آھي. ھن وقت آزادي ھوندي به آزادي ناھي. ڇو ته جڏھن آئين ھوندي به قانون نه ھجي ته پوءِ اسان انصاف جي اميد ڪيئن ٿا ڪري سگھون؟ ھن ملڪ ۾ سياست جي آزادي جو سوال پوءِ ايندو، في الحال ته صحافت جي آزادي سوشل ميڊيا جي ديوار سان سر ٽڪرائي رھي آھي. ڇا اھو سچ ناھي ته ھڪ اھڙو سافٽ ويئر وجود ۾ آندو ويو آھي، جيڪو پنھنجو پاڻ آزادين جون حدون مقرر ڪري، زبانن تي تالا ھڻڻ بدران انھن جي حرڪت کي وڏي حرفت سان ڪنٽرول ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن ملڪ ۾ ميڊيا مجبور نه ھجي ھا ته ڇا ھيءَ نگران حڪومت ايتري مغرور نظر اچي ھا؟ ايتري مغرور جو اھا پاڻ کي اليڪشن ڪرائڻ کان وٺي ڪنھن کي عدالت جي حڪم مطابق گھر تائين پھچائڻ تائين ڪنھن به سلسلي ۾ پابند نه ٿي سمجھي. جڏھن عام چونڊون اليڪشن ڪميشن جي حوالي ھجن ۽ عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري چوڌري پرويز الاھيءَ کي ايم پي او تحت پڪڙي قيد ڪرڻ جو ذمو قانون نافذ ڪرڻ وارن تي ھجي ۽ بجليءَ جا بل اليڪٽرڪ ادارن جي امانت ھجن ۽ تيل جا اگھ مقرر ڪرڻ جي ذميواري آءِ ايم ايف حوالي ٿيل ھجي ته پوءِ اسان حڪومت جو پتو ڪنھن کان پڇون؟ ڇا اھا حقيقت ناھي ته ھن ملڪ جو عوام مجموعي طور تي ان حڪومت کي تلاش ڪري رھيو آھي، جنھن حڪومت جي صرف ملڪ کي نه پر ماڻھن کي به ضرورت ھوندي آھي، ڇو ته رياست ۽ عوام جي وچ ۾ جيڪا قوت مئنيجر ھجڻ جو ڪردار ادا ڪندي آھي، ان کي حڪومت چيو ويندو آھي. سياست جي دنيا ان نقطي جي چوڌاري چڪر ھڻندي رھي آھي ته رياست ۽ عوام جي وچ ۾ ڪھڙي حڪومت سڀ کان سٺو توازن پيدا ڪري سگھي ٿي. اسان پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي ته آمريت عوام کان وڌيڪ رياست جي طرفدار ھوندي آھي. پر اسان پنھنجن ڪنن سان ٻڌو آھي ته جمھوريت رياست کان وڌيڪ عوام جي حق واري حڪومت قائم ڪندي آھي. پاڪستان ۾ جمھوريت جي تاريخ تمام مختصر رھي آھي. جڏھن ته جمھوريت جي نالي ۾ ھليل حڪومتن جا نالا اڄ به سرڪاري آفيسن ۽ عوامي ماڳن تي آويزان نظر اچن ٿا. پاڪستان ۾ جمھوريت جي ڪمزوريءَ جو ڪارڻ اھو بيان ڪيو ويندو آھي ته ان کي ڪڏھن به وڌڻ ويجھڻ جي اجازت نه ملي آھي. ڇا جدوجھد جي لاءِ جابر قوتون تعاون ڪنديون آھن؟ ڇا بغاوت جي سڀ کان اڳ ۾ آفيشل اجازت ورتي ويندي آھي؟
اسان جو ملڪ ھڪ اھڙو ميدان آھي، جنھن ۾ نقلي مقابلا نه رڳو منعقد ڪرايا ويندا آھن پر اھي عوام آڏو پيش به ڪيا ويندا آھن ۽ عوام کي تاڙيون وڄائڻ لاءِ پابند به بڻايو ويندو آھي. اسان جو ملڪ ھڪ اھڙو مئڪدو آھي، جتي بوتلن ۾ پاڻي ڀري رکيو ويندو آھي ۽ پيئڻ وارن کي پئسا ڀري نشي جي اداڪاري به ڪرڻي پوندي آھي. اسان جو ملڪ ھڪ اھڙو اوپن جيل آھي، جنھن ۾ زنجيرن جي نمائش مٿان سخت پابندي عائد ٿيل آھي. اسان جو ملڪ ھڪ اھڙي اسٽيج آھي، جتي اداڪار بنا اسڪرپٽ جي ايندا ۽ پنھنجا ڪردار ادا ڪندا ويندا آھن. اسان جو ملڪ ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جتي ھر ڏينھن گذريل ڏينھن کان وڌيڪ ڏکيو ۽ انسان ھر پھر پھرين پھر کان وڌيڪ بکيو رھي ٿو. ۽ اھو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿئي ٿو جو ملڪ ۾ حقيقي حڪومت ناھي. ھن ملڪ جو اصل الميو اھو آھي ته ھتي آمريت پنھنجو سينو تاڻي حقيقي جمھوريت ھجڻ جي دعويٰ ڪندي آھي ۽ جمھوريت پنھنجي طاقت عوام بدران اسٽيبلشمينٽ کان گھرندي آھي. ھن ملڪ جي عوام کي جمھوريت جي نالي ۾ ايترا ته دوکا ڏنا ويا آھن ۽ ان سان ايترا ته فراڊ ڪيا ويا آھن، جو ھاڻي جيڪڏھن ڪا حقيقي جمھوريت به آئي ته عوام کي ان مٿان اعتبار ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو.
پاڪستان جي سلسلي ۾ اھو چيو ويندو آھي ته ھتي جنرل ضياءَ جو موت جمھوريت جي جنم جو سبب بڻيو. سوال اھو آھي ته جنھن سسٽم ۾ ھڪ ھٽائي نه سگھجندڙ صدر ھر ٻن ٽن سالن کان پوءِ اسيمبليون سوپارين جيان ٽوڙي چٻاڙي اڇلائي ڇڏي، ان ملڪ ۾ جمھوريت جو وجود ڪيترو حقيقي ھوندو؟ ڇا جمھوريت صرف ووٽنگ جو نالو آھي؟ جنھن ملڪ ووٽنگ جو نظام به مڪمل طور تي ناڪام بڻايو وڃي، ان ملڪ ۾ جمھوريت ڪيتري ڪامياب ٿي سگھي ٿي؟
ھڪ وقت اھڙو به ھو، جڏھن سياسي پارٽين کي عوام کان ووٽ وٺڻ جي لاءِ منشور ٺاھڻا پوندا ھئا. عوام کي پنھنجي طرف آڻڻ لاءِ جلسا ڪرڻا پوندا ھئا. اسٽيج جي آڏو ڪرسيون رکي تقريرون ڪرڻيون پونديون ھيون. ميڊيا ذريعي پنھنجي موقف کي عوام تائين پھچائڻ جا جتن ڪرڻا پوندا ھئا. عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي ھئي. ريليون به ڪڍڻيون پونديون ھيون ۽ بک ھڙتالون به برداشت ڪرڻيون پونديون ھيون. ان جدوجھد ۾ جيل به ڀوڳڻا پوندا. ايڏين وڏين قربانين کان پوءِ عوام کان ووٽ وٺڻ جو حق حاصل ڪيو ويندو ھو ۽ عوام ووٽ ڏئي، اھو ضروري به نه ھو. اڪثر ايئن ئي ٿيو ته جن جدوجھدون ڪيون ۽ جيل ڀوڳيا، انھن کي سکڻا ووٽ به نه مليا، پر جن وڏا ڊراما ڪيا، جن ڪوڙيون ڪھاڻيون گھڙيون ۽ پنھنجا وسيلا ڀرپور طرح سان استعمال ڪري عوام کي اعتماد ۾ ورتو، انھن کي ووٽ مليا پر ڪافي وقت کان وٺي عوام کان ايلاز ۽ منٿون ڪري ووٽ وٺڻ جو سلسلو به ختم ڪيو ويو آھي. ھاڻي ووٽ نوٽ ھلائي خريد ڪيا وڃن ٿا ۽ پوءِ انھن ووٽن جي لاءِ جيڪي شرمناڪ تبصرا ڪيا وڃن ٿا، انھن جا ليڪ ٿيل آڊيو ۽ وڊيو ملڪ ۾ موجود جمھوريت جو ڍونگ ڍيري ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن.
پاڪستان سياسي طور تي تمام دلچسب ملڪ آھي. ھلندڙ دور ۾ ته پاڪستان عجيب حڪومت ۽ غريب سياست جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رھيو آھي. ھر ملڪ جون سياسي پارٽيون پنھنجي عوام کي ڪٺو ڪرڻ ۽ انھن کي جدوجھد جي راھ تي آڻڻ جا جتن ڪنديون آھن. پاڪستان اھو واحد ملڪ آھي، جنھن ۾ بجليءَ جا ڳاٽي ٽوڙ ۽ غيرحقيقي بل کڻي عوام احتجاج ڪري رھيو آھي ۽ سياسي پارٽيون انھن احتجاجن جي قيادت ڪرڻ ته پري پر انھن ۾شريڪ ٿيڻ کان به ڇرڪي رھيون آھن. پيپلز پارٽي پنھنجي عظيم جمھوري جدوجھد جي تاريخي رڪارڊ سميت گم آھي. مسلم ليگ (ن) نه بيان ٿي سگھندڙ مام سبب چپ آھي. مولانا فضل الرحمان پنھنجي پارٽيءَ سميت منظر تان غائب آھي. جڏھن ته تحريڪ انصاف وٽ پنھنجي عدم وجود جا اھڙا ثبوت آھن، جن کي انھن جو دشمن به ٺڪرائي نه ٿو سگھي. پر مجموعي طور تي وفاقي، صوبائي، قومي ۽ انقلابي پارٽيون عوام کان نه صرف پري پر ايترو گھڻو دور آھن، جو عوام انھن کي صدا به ڏئي نه ٿو سگھي. عوام بجليءَ جا ناجائز بل کڻي نه صرف انصاف پر انھن سياسي پارٽين کي به تلاش ڪري رھيو آھي، جيڪي رياست جي عدالت ۾ عوام جي حقيقي وڪالت ڪرڻ جو فرض ادا ڪنديون آھن.