تلهار جي صحافي جي ڪار سان ماتلي ويجهو خوفناڪ حادثو، امڙ ۽ ڀاءُ فوت، پاڻ زخمي
اپريل 11, 2025
تلھار(رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلھار جي صحافي راشد دلواڻي جي ڪٽنب سان روڊ حادثو، ڀاءُ ۽ امڙ فوت، ماتلي ڀرسان بارڻ چيڪ بدين- حيدرآباد روڊ ڀرسان ٻن ڪارن ۾آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾صحافي راشد دلواڻي جو ڀاءُ حيسڪو ملازم آصف دلواڻي ۽ سندن امڙ زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقا اسپتال ماتلي آندو ويو ، جتي حيسڪو ملازم آصف دلواڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته صحافي راشد دلواڻي ۽ سندن امڙ کي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدر آباد ريفر ڪيو ويو ، جتي سندن امڙ به زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي وئي ، فوتي نوجوان ۽ سندس امڙ جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ٻنھي ماءُ ۽ پٽ جا گڏ جنازا کڄڻ تي شھر ۾ ھر اک آلي ٿي وئي، فوتين جا مڙهه شھر جي لطف علي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويا، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شھرين ۽ پريس ڪلب تلھار جي سمورن صحافين شرڪت ڪئي. جڏهن ته پونئرن سان تعزيت جوسلسلو هلندڙ آهي.