تلهار (رپورٽ:صديق ٿيٻو) تلهار ڀرسان 3 معصوم ڀاءُ ڀيڻ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا، ڳوٺ چانري ۾ ڀيڻ ٻن معصوم ڀائرن سميت کڏ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي وئي
وارثن ٽنهي ٻارن کي پاڻي مان ڪڍي تعلقي اسپتال آندو، فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، فوتين ۾15سالن جي ثمرن، 8سالن جو سمير ۽ 6 سالن جو شاهجهان ميمڻ شامل آهن
معصوم ٻارن جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا،گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو