تلهار ۾ حددخلين خلاف آپريشن، اسٽال، دڪا ۽ ڇپرا پٽ، اڳوڻو سٽي ناظم ڪاوڙجي پيو، ڏندچڪ

تلهار ۾ حددخلين خلاف آپريشن، اسٽال، دڪا ۽ ڇپرا پٽ، اڳوڻو سٽي ناظم ڪاوڙجي پيو، ڏندچڪ

تلھار (رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلھار شهر  ۾ غير قانوني حددخلين خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر تلهار، ٽائون ڪاميٽي تلھار  ۽ واپڊا عملدارن سميت تعلقي تلھار جي مختلف ٿاڻن جي نفري سان گڏ شھر جي ريلوي ڦاٽڪ کان مين حيدرآباد بدين باءِ پاس تائين روڊ جي ٻنھي پاسن کان حد دخلين خلاف   آپريشن ڪري دڪانن ۽ ھوٽلن  اڳيان ٺاھيل اسٽالن ،  دڪن ۽ ڇپرن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو ، آپريشن دوران مين حيدرآباد بدين روڊ تي باءِ پاس وٽ جت ھوٽل جا ڇپرا ڊاھڻ تان اڳوڻي سٽي ناظم گهنور لاشاري ۽  اي سي تلھار وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ  ٿي پئي. اي سي تلھار پاران  يوسي ناظم کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر شھرين ۽ پوليس عملدارن وچ ۾ پئي معاملو ختم ڪرايو ، انھي موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تلھار عبدالغفار ملاح  ٻڌايو ته غير قانوني حددخلين جي آزار  خلاف بنا فرق جي آپريشن جاري رھندو ، شھرين جي شڪايت تي دڪاندارن کي ڪافي ڀيرا  وارننگ ڏني ھئي ته پاڻمرادو حد دخليون ختم ڪري ڇڏيو پر ڪو به عمل نه ڪيو ويو جنھن کان پوء اڄ کان غير قانوني حددخلين خلاف بنا فرق جي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي ، آپريشن ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.