تلھار (ن پ ا) تلھار جي وارڊ نمبر 6 جي ڳوٺ ڪرم خان دلواڻي جي رھواسي مردن توڙي عورتن حيسڪو انتظاميا جي ناجائزين خلاف حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو ھنيو.
گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيسڪو تلھار جو ايس ڊي او عزيز گوپانگ ۽ لائين سپرنٽينڊنٽ جئه پرڪاش ظلم پيا ڪن.
بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ٻيھر ڌرڻو ھنيو ويندو.