تلهار ۾ مخصوص سيٽون نه ملڻ خلاف ڪولهين جو احتجاج

مَي 23, 2023

تلهار( ن پ ا) تلهار ۾ مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تي نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري طرفان احتجاج ڪيو ويو

پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ ضلعي بدين جي نائب صدر  ڊاڪٽر پنھون ڪولھي ,  سابق ڪائونسلر چنو ڪولھي ، سجاد شاھ ، ,ڊاڪٽر چندر ڪولھي ,راضو ڪولھي ,لچمڻ ڪولھي ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

اڳواڻن چيو ته ڪولھي برادري جا بدين ضلعي اندر 2 لک کان وڌيڪ ووٽ ھجڻ باوجود اسان کي پ پ قيادت طرفان مخصوص سيٽن تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي

اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته مخصوص سصٽن تي ڪولهي برادري کي به ٽڪيٽون ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي