| تلڪ ورما انجري سبب نيوزيلينڊ خلاف شروعاتي ميچز مان ٻاهر |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو مڊل آرڊر بيٽر تلڪ ورما انجري جو شڪار ٿي نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي شروعاتي ٽن ميچن مان ٻاهر ٿي ويو آهي.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي جاري ڪيل بيان موجب، تلڪ ورما اربع ڏينهن راجڪوٽ ۾ ٽيسٽيڪولر سرجري ڪرائي آهي ۽ کيس آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي.بي سي سي آءِ جو چوڻ آهي ته تلڪ ورما شروعاتي ٽن ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته سيريز جي آخري ٻن ميچن ۾ سندس شموليت جو فيصلو فٽنيس ٽيسٽ کانپوءِ ڪيو ويندو.