تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند
جُون 16, 2025
تل ابيب (پنهجي ڊيسڪ)عمارت کي معمولي نقصان، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائيڪ هڪبي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانو اڄ بند رهندا ڇو ته خطي ۾ “شيلٽر ان پليس” جون هدايت جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخاني جي برانچ ويجهو ايراني ميزائل حملي ۾ معمولي نقصان ٿيو، پر ڪنهن به آمريڪي اهلڪار کي نقصان نه پهتو.
مائيڪ هڪبي چيو، يروشلم ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙ اسان جي ٽيم بابت پريشان آهيون
هن اسرائيل ۾ رهندڙ تقريبن 7 لک آمريڪي شهرين کي صلاح ڏني ته اهي سفري هدايتن، هوائي اڏن جي ٻيهر کلڻ يا سفارتخاني جي سرگرمين بابت تازي معلومات لاءِ آمريڪي سفارتخاني جي ويب سائيٽ يا يروشلم ۾ آمريڪي سفارتخاني جي سرڪاري اڪائونٽ (@usembassyjlm) کي وزٽ ڪندا رهن.