اويس توحيد پاڪستان جي صحافي آهي، روزگار جي سلسلي ۾ هو آمريڪي ريڊيو وائيس آف آمريڪا ۾ ملازمت جي مقصد سان آمريڪي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ رهي ٿو. تازو ئي مون کي ان جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي نظر آئي. سرءُ جي مند ۾ وڻن جي جهڳٽي ۾ هو بيٺل آهي ۽ کيس نيڪر پاتل آهي. اويس سان منهنجو پراڻو تعلق آهي انهيءَ واسطي جي ڪري مون کي اوچتو خيال آيو ته اويس کان پڇجي ته دنيا جي سڀ کان سگهاري ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ ڪيترا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، جنهن کان پريشان ٿي توهان کلئي آسمان هيٺ وڻن جي جهڳٽي ۾ هليا آيا آهيو! اويس کي ڀلا اهو ڇا ٻڌائجي ته سڄي پاڪستان جي تمام ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪئين ڪئين ڪلاڪن جي لوڊيشڊنگ ٿيندي آهي ۽ ٻهراڙين ۾ ته ڪو وقت جو حساب ئي ڪونهي. اويس ته هاڻي تازو ئي آمريڪا ويو آهي. کيس چڱيءَ ريت پاڪستان جي حالتن کان واقفيت آهي، البته اسلام آباد ۾ رهائش هجڻ جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته کيس اها خبر نه هجي ته ٻين شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ حالتون ڪهڙيون آهن. لوڊشيڊنگ جي باري ۾ سوال ڪندي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته اويس کان پڇجي ته ڇا لوڊشيڊنگ جي وقت يا دورانئي جي باري ۾ معلومات ترت ملي ويندي آهي يا پاڪستان وانگر بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا ملازم جواب ڏيڻ ۾ پنهنجي تذليل سمجهندا آهن؟ بجليءَ جي اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪيترا ڪلاڪ ٿيندي آهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ گهڻا ڪلاڪ هوندي آهي؟ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ لاءِ پاڪستان ۾ وقت جو مقرر هجڻ ضروري ناهي هوندو. پوءِ خيال آيو ته کانئس اهو پڇان ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ته متاثر ٿيندي هوندي، ڇو ته پاڪستان ۾ هر حال ۾ اها فراهمي متاثر ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري صرف اهي ماڻهو ٻاڪاريندا آهن، جيڪي نام نهاد منرل واٽر جي بوتل خريد ڪرڻ جي سگهه ناهن رکندا. جيڪي منرل واٽر خريد نٿا ڪري سگهن، اهي پاڻيءَ جو ڪين خريد ڪري گذارو ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪين ۾ پاڻي معياري نه هجي ۽ شڪايت ڪئي وڃي ته دڪاندار جو جواب هوندو آهي ته ڀلي ڪنهن ٻئي هنڌان پاڻي خريد ڪري وٺو! ۽ گراهڪ منهن ڦٽائي هليو ويندو آهي. ڪو ادارو، ڪو اهلڪار، ڪي اختياريون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن هونديون ۽ وري ڪو خودڪار طريقو به نه آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ شڪايتن لاءِ پورٽل ٺهيل هئا، جتي ماڻهو شڪايتون درج ڪرائيندا هئا. حڪومت جي خاتمي کانپوءِ پورٽل بند ڪيا ويا. جن ماڻهن کي پورٽل تي شڪايتون، خاص طور تي بجليءَ جي فراهمي وغيره جي باري ۾ درج ڪرائڻ جو تجربو آهي، اهي ان کي بهتر قرار ڏين ٿا.
مون سوچيو ته اويس کان اهو پڇان ته ڇا شهر اندر سفر ڪرڻ لاءِ بسون موجود هونديون آهن؟ ڇا ماڻهن جو هجوم هوندو آهي يا قطارون لڳل هونديون آهن؟ اسان جي شهرن ۾ هڪ ته بسون ئي ڪونه آهن. شهر اندر سفر لاءِ ٽن ڦيٿن وارو آٽو رڪشا هوندو آهي، جنهن جا ڊرائيور من پسند ڀاڙو گهرندا آهن. سندن عذر اهو هوندو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي يا گئس جون قيمتون وڌي ويون آهن. پوءِ ان جو جواب اهو هوندو آهي ته هلڻو آهي ته ويهو، ۽ هو رڪشا اڳتي وڌائي ڇڏيندو آهي نئود رڪشي واري کي ته عورتن جو به لحاظ ناهي هوندو. ٽريفڪ پوليس جيئن ته هر هنڌ موجود ناهي هوندي ۽ جتي موجود هوندي آهي، جيڪڏهن توهان ان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيو ته پوليس اهلڪار ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري اڳتي وڌي ويندو آهي. ان ڪري نه ته ان وٽ ڪم جي گهڻائي هوندي آهي پر ان لاءِ ته هو رڪشا وارن کان ناجائز پئسا وٺندو آهي. رڪشي وارو حقارت سان ان کي 10 رپيا ڏيئي ڇڏيندو آهي. رڪشا کانسواءِ سامان ڍوئيندڙ سوزوڪي گاڏين ۾ سيٽون لڳائي ماڻهن انهن کي مسافر گاڏيون ٺاهي ڇڏيو آهي. اهي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين وڃڻ جو ڀاڙو پيٽرول يا گئس جي قيمت ۾ هر اضافي کانپوءِ وڌائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن هنڌ مسافر وڌيڪ هجن ته اهي مسافرن کي ڇت تي ويهاريندي به هٻڪندا ناهن. انهن کي خبر هوندي آهي ته ٿيندو ان ڪري ڪجهه ڪونهي ته ٽريفڪ پوليس وارو پئسا وٺي ان کي غير قانوني ڪم ڪرڻ کان ڪونه روڪيندو. ان سڄي سفر دوران عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿينديون آهن.
منهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا سوال آهن جيڪي اويس کان ڪري سگهجن ٿا. مون سوچيو ته ان کان معلوم ڪريان ته آمريڪا ۾ سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي ڪيئن آهي؟ کيس پاڪستان بابت ته چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ۽ جيئن ته هو آمريڪا وڃڻ کان اڳ پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ رهندو هو، اتي سڄي ملڪ کان هٽي ڪري صورتحال بهتر هوندي آهي پر هاڻي ته نگران حڪومت اسلام آباد جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ به حاضر سروس جنرل صاحبان کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن اسپتالن جي انتظام ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. ملڪ جي ٻين علائقن جي اسپتالن ۾ ته جيڪڏهن ڪرنل يا ميجر صاحبان کي مقرر ڪيو وڃي ته ممڪن آهي ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽر يا عملو پنهنجون ڊيوٽيون ذميواري سان ادا ڪري ۽ اسپتالن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن تي به ضابطو آڻي سگهجي. دوائن جي چوري کي روڪي سگهجي.
حالت اها آهي ته ويم جي انتظار ۾ حاملا عورت جو ساهه نڪري ويندو آهي پر ڊاڪٽرياڻي موجود ناهي هوندي. ڪنهن عورت جو لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ ان ڪري پيو سڙندو آهي ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي موجود نه هوندي آهي. انهن اسپتالن ۾ جتي حڪومت تمام وڏي رقم فراهم ڪندي آهي، اتي وارڊن ۾ ڪتا گهمندي نظر ايندا آهن. اسپتالن جا سربراهه، جن کي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سڏيو وڃي ٿو، وارڊن جو جائزو وٺڻ جي زحمت ئي ناهن ڪندا. پنهنجي آفيس ۾ ايئرڪنڊيشن هلائي ويٺل هوندا آهن. انهن جي آفيس واري وقت جي شروعات ۾ ئي سندن پٽيوالو ايئرڪنڊيشن ان ڪري هلائي ڇڏيندو آهي ته سندس صاحب کي گرمي نه لڳي. اسپتال ايندڙ مريضن کي جيڪڏهن گرمي لڳي رهي هوندي آهي ۽ سرڪاري پکو به ڪنهن خرابيءَ جي ڪري ناهي هلندو ته اسپتال جي ڪنهن ذميوار کي اهو خيال ئي ناهي هوندو ته انسانن سان انسانن جهڙو سلوڪ ڪرڻ ئي انسانيت جي تقاضا آهي. مون سوچيو ته اويس کان اهو پڇجي ته ڇا مريضن کي سرڪاري طور تي دوائون به ملنديون آهن يا انهن کي دوائون اسپتال جي ٻاهران غير قانوني طور تي قائم ڪيل ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪرڻيون پونديون آهن؟ هتي ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون بازار مان خريد ڪرڻيون پون ٿيون. سڀني کي اها خبر هوندي آهي پر روڪيندو ڪوبه ناهي. مريض بچائڻ کي اوليت ڏني ويندي آهي، ڪرپشن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن لاءِ ايمبولينسون هونديون آهن، جيڪي گهڻو ڪري مريضن کي آڻڻ بدران ڊاڪٽر کي آڻڻ ۽ کڻي وڃڻ جي ڪم ۾ اينديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن لاش کي اسپتال مان گهر تائين ڇڏڻو هوندو آهي ته انهن جي وارثن کي چيو ويندو آهي ته سرڪاري ايمبولينس ڪرائي تي حاصل ڪري وٺو ۽ لاش کي کڻي وڃو. وارث ان وقت لاش کي کڻي وڃڻ کي فوقيت ڏيندا آهن ۽ جلدي ۾ هوندا آهن، ان ڪري ڪٿي شڪايت درج ڪرائي ناهن سگهندا. پهرين ڳالهه ته شڪايت درج ڪرائڻ جو ڪو معقول ته پري جي ڳالهه، غير معقول انتظام به نه هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو ڪٿي به بد انتظامي جي شڪايت درج ناهن ڪرائيندا. سوال ته تمام گهڻا آهن، سرءُ جي مند جو انتظار اسان کي به آهي. پاڪستاني تماش گاهه ۾ حڪمراني تي قابض طبقي تي پن ڇڻ اچي ته جيئن ان پن ڇڻ کانپوءِ عوام بهار جي موسم مان لطف وٺي سگهي. ڇا خيال آهي اويس توحيد صاحب!