تماش گاهه … بجليءَ جي بلن ماڻهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي

آگسٽ 30, 2023

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجليءَ جي اگهن جي معاملي تي احتجاج، بلن کي باهيون ڏيڻ، مڇريل ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ جي اظهار لاءِ پوليس سان اٽڪندي الجهندي، هٿين پوندين نظر اچن ٿا. مختلف هنڌن تي پوليس جي مدد لاءِ رينجرز کي پڻ آندو ويو آهي. ملتان سميت مختلف شهرن ۾ سرڪاري گاڏين کي سرڪاري نمبر پليٽون هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ماڻهو سخت ڪاوڙيل آهن، ڇو ته بجليءَ جي بل جي دائگي انهن جي سگهه کان ٻاهر آهي. ڇا حڪمران طبقي کي نظر نٿو اچي ته بيروزگاري، مهانگائي، عدم تحفظ، ضرورت جي هر شيءِ ميسر نه هجڻ ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهي آهي. احساس ئي نه رهيو آهي ته حڪمران طبقو، دولت مند ماڻهو ۽ رياست جي خرچ تي پلجندڙ ماڻهو هر سهولت آسائش ماڻي رهيا آهن پر اڪثريت ٻن ويلن جي مانيءَ جي ٻن گرهن جي حصول لاءِ سِڪي رهي آهي. سموريون سياسي جماعتون عوام جي لٽجڻ جي درياهه ۾ پنهنجا لڙڪ به شامل ڪري رهيا آهن پر انهن جي لڙڪن جي ڪابه وقعت ڪانهي. پنهنجي حڪمراني جي دور ۾ انهن کي حساب ڪتاب ڪرڻ گهرجي ها ته عوام ايترا ڳرا بل ڪٿان ادا ڪري سگهندو. نگران وزيراعظم يا نگران حڪومت جي وس جو اهو ڪم ئي ڪونهي. بجليءَ جي ڳرن بلن جي معاملي تي وزيراعظم هائوس ۾ هنگامي اجلاس ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ بجليءَ جي وزارت ۽ بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان بريفنگ ورتي پئي وڃي ۽ واهپيدارن کي بجليءَ جي بلن بابت وڌيڪ سهولتون ڏيڻ تي مشاورت ڪرڻ جي پڻ نويد ڏني وئي آهي. نگران وزيراعظم جي ڪارروائي اهڙي آهي، جنهن مان ڪوبه نتيجو نه نڪرندو. انقلاب آهستي آهستي هلڪا پير کڻي ايندو آهي. حڪمران طبقي کي احساس ئي ناهي ٿيندو ته اهو اچي رهيو آهي. ان جي اچڻ جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن هو ڪنڌ تي اچي ڪڙڪندو آه. ۽ اهو ڪا ڀيٽا ۽ ٻليدان وٺڻ کانسواءِ ناهي موٽندو. دنيا ۾ جتي جتي انقلاب آيا آهن، اتي حڪمرانن انقلاب جي ٺڪ ٺڪ ۽ آواز تي ڪن ناهي ڏنو. اتي ماڻهن جي خاموش احتجاج تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ جڏهن انقلاب مٿان چڙهي آيو ته تبديليءَ جو رت هاڻو ٻليدان وٺڻ کانسواءِ ڪڏهن به اهو ناهي موٽيو. حڪمرانن جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ڏسندي به ڏسي نٿا سگهن. اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن. روس، چين، ايران، مصر، لبيا، رومانيا وغيره وغيره ۾ ايئن ئي ٿيو هو. محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان جي بدترين معاشي حالتن وسيلن ۽ آمدني جي ذريعن کان محروم ماڻهن کي “تنگ آيد- بجنگ آيد” تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي بنا ڪنهن دير جي فيصلائتا قدم کڻڻا پوندا. بجليءَ جي بلن ۾ تدارڪ ۽ بازار ۾ هٿراڌو مهانگائيءَ تي ضابطي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

پاور ڊويزن جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته سرڪاري بجلي ڪمپنين جي آفيسرن کي ساليانو 13 ارب رپين جي مفت بجلي ملندي آهي ۽ صرف گريڊ 1 کان 4 جي ملازمن کي ماهوار 100 يونٽ فري ملندا آهن. گريڊ 17 کان 21 تائين جي آفيسرن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ جي تجويز ۽ مفت بجليءَ جو خاتمو اٺ جي وات ۾ جيري جي داڻي برابر آهي. هڪ دستاويز مطابق، سرڪاري ملازم ماهوار 34 ڪروڙ يونٽ بجلي مفت استعمال ڪن ٿا. گريڊ 17 کان 21 جا ملازم 70 لک يونٽ ماهوار بجلي استعمال ڪن ٿا. گريڊ 17 کان 21 تائين جي مفت بجلي استعمال ڪندڙ ملازمن جو تعداد 15 هزار 971 آهي. دستاويز ۾ سوال اٿاريو ويو آهي ته 15 هزار ملازمن جي بجلي ختم ڪرڻ سان ڪو خاص فرق نه پوندو، جيستائين سمورن ملازمن جي اها سهولت ختم نٿي ڪئي وڃي. گريڊ 16 تائين جا ٻيا ملازم 33 ڪروڙ يونٽ ماهوار مفت بجلي استعمال ڪن ٿا. گريڊ 1 کان 16 تائين مفت بجلي استعمال ڪندڙ ملازمن جو تعداد 1 لک، 73 هزار، 200 آهي. گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم ساليانو 10 ارب رپين جي مفت بجلي استعمال ڪن ٿا. گريڊ 17 کان 21 جا ملازم ساليانو 25 ڪروڙ رپين جي بجلي مفت استعمال ڪري رهيا آهن. گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم ماهوار 76 ڪروڙ، 43 لک رپين جي مفت بجلي استعمال ڪن ٿا. ڇا اهو حل آهي ته سرڪاري بجلي جي کاتن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن کي بنا معاوضي جي فراهم ٿيندڙ بجليءَ جي سهولت ختم ڪئي وڃي ته مسئلا حل ٿي ويندا؟ پاور سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ وڏن ۽ ننڍن سمورن ملازمن جي اها سهولت ختم ڪئي وڃي پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي سمورن سرڪاري آفيسرن جون بنا معاوضي مليل سهولتون به ختم ڪيون وڃن، پوءِ اهي سهولتون بجليءَ جون هجن، پيٽرول جون هجن، اضافي ملازمن هجن. جيڪي ماڻهو به ملازم آهن، اهي باقاعده پگهار وٺندا آهن ته پوءِ انهن کي آخر ڇو بنا معاوضي جي سهولتون ڏنيون وڃن؟ تمام گهڻي رقم خرچ ڪري اهي رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون.

آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت کي قرض ان شرط تي ڏنو هو ته پيٽرول ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ اضافو ڪيو وڃي. حڪومت پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ اکيون بند ڪري اضافو ڪري ڇڏيو ۽ اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي خزاني واري وزير اسحاق ڊار پرديس پرواز ڪري ويا آهن. انهن کي ان ڳالهه سان ڪهڙو واسطو ته ملڪ ۾ ڇا ٿو ٿئي. ملڪ ڄاڻي، عوام ڄاڻي ۽ نگران حڪومت ڄاڻي. مهانگي بجلي ۽ لوڊشيڊنگ معيشت ۽ عوام کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. ڪاروباري ماڻهن جو خيال آهي ته بجليءَ جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافي کانپوءِ واپاري ۽ صنعتڪار وڌيڪ بدتر حالتن ۾ پهچي ويا آهن ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ جي ڪري بيروزگاريءَ جو طوفان ايندو، جنهن جي ڪري ڏوهن ۾ واڌ ايندي ۽ ايئن ٿي پڻ رهيو آهي. اهي بجليءَ جي بل ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ، ٽي وي، ريڊيو، انڪم ٽيڪس ۽ ٻيا ٽيڪس شامل ڪري بجليءَ جي بل کي ٻيڻو ڪيو ويو آهي. واهپيدار جيڪڏهن بجلي استعمال ڪن ٿا ته اهي صرف بجليءَ جي قيمت ادا ڪرڻ جا پابند آهن.

ڪيترن ئي شهرن ۾ بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بنا ڪنهن ثبوت جي واهپيدارن خلاف ڊٽيڪشن لڳائي ٿيون ڇڏين، جنهن جو ڪوبه تسلي بخش جواب ناهي ڏنو ويندو. اهو قدم ڪمپنيون پنهنجي نقصانن جي پرده پوشيءَ جي لاءِ کڻنديون آهن. بجليءَ جي هاڻوڪين قيمتن ۾ واڌ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ هيڪاندي اضافي کانپوءِ عوام جي روز مره جي زندگيءَ تي ان جا خراب اثر پئجي رهيا آهن ۽ عوام ذهني مريض بڻجندو وڃي. ان بيروزگاريءَ دوران خودڪشي جي واقعن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. بجلي بل ۾ اضافي سموري رقم ختم ڪرڻ کانسواءِ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪرپٽ عملي خلاف سخت ڪارروائي به ڪئي وڃي. هڪ طرف سڄي ملڪ ۾ عوام بجلي جي ڳرن بلن سبب ٻاڪاري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ احتجاج ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا آفيسر ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر مفت بجلي ۽ پيٽرول جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ ملازم غير قانوني طريقي سان بجلي استعمال ڪرڻ جا ماهوار پئسا وصول ڪري رهيا آهن. نهايت گهٽ اگهن تي يا مفت ۾ بجلي استعمال ڪرڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نٿا ڪن. احساس مري ويو آهي.

Leave A Comment